عراق ۾ چونڊن دوران ڪا به پارٽي اڪثريت حاصل ناهي ڪري سگهي، محمد شياع السوڊاني جي سياسي اتحاد جي برتري جي تصديق

بغداد-18 نومبر(اي پي پي) عراق جي اليڪشن ڪميشن سومر ڏينهن 11 نومبر تي ٿيل پارلياماني چونڊن جا حتمي نتيجا جاري ڪري ڇڏيا، جنهن ۾ وزيراعظم محمد شياح السوڊاني جي سياسي اتحاد جي نمايان برتري جي تصديق ٿي آهي. پرڏيهي ميديا مطابق سرڪاري ٽي وي تي نشر ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ آزاد اعليٰ اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته شروعاتي نتيجن جي ڀيٽ ۾ صرف معمولي تبديليون ڪيون ويون آهن. حتمي نتيجن مطابق 329 …

بغداد-18 نومبر(اي پي پي) عراق جي اليڪشن ڪميشن سومر ڏينهن 11 نومبر تي ٿيل پارلياماني چونڊن جا حتمي نتيجا جاري ڪري ڇڏيا، جنهن ۾ وزيراعظم محمد شياح السوڊاني جي سياسي اتحاد جي نمايان برتري جي تصديق ٿي آهي. پرڏيهي ميديا مطابق سرڪاري ٽي وي تي نشر ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ آزاد اعليٰ اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته شروعاتي نتيجن جي ڀيٽ ۾ صرف معمولي تبديليون ڪيون ويون آهن. حتمي نتيجن مطابق 329 رڪني عراق جي پارليامينٽ ۾ السوڊاني جي اتحاد 46 سيٽون حاصل ڪيون، جنهن بعد اڳوڻي وزيراعظم نوري المالڪي جي اسٽيٽ آف لا جي اتحاد 29 سيٽن سان ٻي ۽ اڳوڻي اسپيڪر محمد الحلبوسي جي تقدم اتحاد 27 سيٽن سان ٽئين نمبر تي جڳهه ٺاهي آهي. ڪنهن به سياسي گروه کي واضع اڪثريت نه ملڻ سبب حڪومت سازي لاءِ اتحاد ٺاهڻ عراق جي سياسي عمل جو اهم مرحلو بڻجي ويو آهي، جڏهن ته السوڊاني جي اتحاد جي مضبوط ڪارڪردگي کيس ايندڙ ڳالهين ۾ مرڪزي ڪردار فراهم ڪري ٿي. ان دوران عراق جي وفاقي سپريم ڪورٽ سومر ڏينهن حڪم ڏنو ته ختم ڪيل پارليامينٽ جو مدو مڪمل ٿيڻ بعد موجوده حڪومت نگران حيثيت اختيار ڪري. نگران حڪومت کي صرف روزانو جي بنياد تي معاملن کي منهن ڏيڻ جي اجازت هوندي ۽ ان کي ڊگهي مدي جا فيصلا ڪرڻ، معاهدا ڪرڻ، قرض وٺڻ يا اعليٰ عهديدارن جي مقرري کان روڪيو ويو آهي. عدالت مطابق ملڪ جو صدر پنهنجي عهدي تي برقرار رهندو جيسيتائين نئين پارليامينٽ نٿي جوڙي وڃي.