ڪيوبا، هيٽي ۽ جميڪا ۾ سامونڊي طوفان ميليسا سبب 4 لک 77 هزار ٻار متاثر، يونيسيف جون امدادي سرگرميون جاري

گڏيل قومون -18 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ ٻڌايو ته سامونڊي طوفان ميليسا کان پوءِ ڪيوبا، هيٽي ۽ جميڪا ۾ اٽڪل 4 لک 77 هزار ٻارن جون تعليمي سرگرميون سخت متاثر ٿيون آهن، طوفان جي 3 هفتن گذري وڃڻ  باوجود  ڪيترائي اسڪول اڃا به تباهه حال يا بند آهن، جنهن سبب ٻارن جو وڏو تعداد ڪلاسز کان محروم  آهي يا عارضي هنڌن غير مناسب سهولتون سان گڏ تعليم …

گڏيل قومون -18 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ ٻڌايو ته سامونڊي طوفان ميليسا کان پوءِ ڪيوبا، هيٽي ۽ جميڪا ۾ اٽڪل 4 لک 77 هزار ٻارن جون تعليمي سرگرميون سخت متاثر ٿيون آهن، طوفان جي 3 هفتن گذري وڃڻ  باوجود  ڪيترائي اسڪول اڃا به تباهه حال يا بند آهن، جنهن سبب ٻارن جو وڏو تعداد ڪلاسز کان محروم  آهي يا عارضي هنڌن غير مناسب سهولتون سان گڏ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ترجمان بڌايو ته ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري يونيسيف مقامي حڪومتن ۽ حصيدار ادارن سان گڏجي متاثر علائقن م امدادي سامان جي فراهمي ۽ تباهه ٿيل اسڪولن جي بحالي تي ڪم ڪري رهيو آهي. ڪيوبا ۾ يونيسيف 21 هزار شاگردن لاءِ اسڪول ڪٽس سميت ضروري سامان اڳ ئي پهچائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته هيٽي جي سوڊ ۽ نپس علائقن ۾ 2800 اسڪول ڪٽس ورهايا ويا آهن ۽ ايندڙ هفتن م وڌيڪ قدمن جا منصوبا آهن. ترجمان موجب جميڪا ۾ يونيسيف تدريسي ۽ تعليمي مواد فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ 100 عارضي تعليمي مرڪز قائم ڪيا آهن جن مان 10 هزار ٻارن کي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. گڏيل قومن جي شروعاتي جائزي موجب ساموندي طوفان ميليسا جي ڪري جميڪا، ڪيوبا ۽ هيٽي ۾ 50 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن جڏهن ته بنيادي ڍانچي ۽ ضروري خدمتن کي شديد نقصان پهتو آهي.