دبئي -18 نومبر (اي پي پي)عرب امارات وفاقي وزارتن ۽ سرڪاري ادارن ۾ امارات جي قومي ڏينهن (54 هين عيدالاتحاد) تي ٻن ڏينهن موڪل جو اعلان ڪيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب پهرين ۽ ٻي ڊسمبر 2025ع ( سومر ۽ اڱاري) ملڪ ۾ موڪل هوندي جڏهن ته اربع 3 ڊسمبر تي معمول موجب ڪم ٻيهر شروع ٿيندو. امارات ۾ اڳ ئي ڇنڇر ۽ آچر تي موڪل هوندي آهي اهڙيءَ ريت مملڪت جا شهري …
گڏيل عرب امارات جي قومي ڏينهن جي موقعي تي ملڪ ۾ ٻن ڏينهن عام موڪل جو اعلان
دبئي -18 نومبر (اي پي پي)عرب امارات وفاقي وزارتن ۽ سرڪاري ادارن ۾ امارات جي قومي ڏينهن (54 هين عيدالاتحاد) تي ٻن ڏينهن موڪل جو اعلان ڪيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب پهرين ۽ ٻي ڊسمبر 2025ع ( سومر ۽ اڱاري) ملڪ ۾ موڪل هوندي جڏهن ته اربع 3 ڊسمبر تي معمول موجب ڪم ٻيهر شروع ٿيندو. امارات ۾ اڳ ئي ڇنڇر ۽ آچر تي موڪل هوندي آهي اهڙيءَ ريت مملڪت جا شهري ۽ رهائشي 4 ڏينهن لڳاتار موڪلن مان لطف اندوز ٿيندا. فيڊرل اٿارٽي ان موقعي تي امارات جي قيادت، حڪومت، شهرين ۽ رهواسين کي مبارڪباد ڏيندي ملڪ لاءِ وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڪاميابي جي دعا ڪئي آهي. ان کان علاوه تعليم واري وزارت به سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ 01 ۽ 02 ڊسمبر تي ٻن ڏينهن جي موڪل جو اعلان ڪيو آهي.












