اسلامي يڪجهتي راندين ۾ آذربائيجان ايٿليٽڪس ۾ پهريون تمغو حاصل ڪري ورتو

رياض -18 نومبر (اي پي پي) رياض ۾ منعقد ڇهين اسلامي يڪجهتي راندين ۾  آذربائيجان ايٿليٽڪس ۾ پهريون تمغو حاصل ڪري ورتو آهي. آذربائيجان جي ايٿليٽ يڪاترينا سارئيوا  وومينز ٽرپل جمپ  ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي  ٽامي جو تمغو حاصل ڪيو. سارئيوا 13.84  ميٽرن جي شاندار جمپ سان پوڊيم تائين رسائي حاصل ڪئي جيڪو هن ايونٽ ۾ سندس بهترين ڪوشش جو نتيجو آهي. اهو تمغو سارئيوا کي اسلامي يڪجهتي راندين ۾ مجموعي طور تي …

رياض -18 نومبر (اي پي پي) رياض ۾ منعقد ڇهين اسلامي يڪجهتي راندين ۾  آذربائيجان ايٿليٽڪس ۾ پهريون تمغو حاصل ڪري ورتو آهي. آذربائيجان جي ايٿليٽ يڪاترينا سارئيوا  وومينز ٽرپل جمپ  ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي  ٽامي جو تمغو حاصل ڪيو. سارئيوا 13.84  ميٽرن جي شاندار جمپ سان پوڊيم تائين رسائي حاصل ڪئي جيڪو هن ايونٽ ۾ سندس بهترين ڪوشش جو نتيجو آهي. اهو تمغو سارئيوا کي اسلامي يڪجهتي راندين ۾ مجموعي طور تي چوٿون اعزاز آهي. ان کان اڳ هو پالمبنگ 2013 ۾ سوني، ڪونيا 2021ع ۾ چانديءَ  ۽ باڪو 2017ع ۾ ٽامي جا تمغا حاصل ڪري چڪي آهي.