اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ کي ٽيليفون ڪري مبارڪباد ڏني. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم فيصل راٺوڙ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي وفاقي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ کي ٽيليفون، مبارڪباد ڏني

مزید خبریں
اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ کي ٽيليفون ڪري مبارڪباد ڏني. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم فيصل راٺوڙ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي وفاقي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام جي ڀلائي، معاشي ترقي ۽ خوشحالي ۽ امن ۽ سلامتي لاءِ آزاد ڪشمير جي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيُون. هن چيو ته وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير جي حڪومت کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي.











