اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ضلعي جي ڪولاچي ۽ اتر وزيرستان ضلعي جي دته خيل ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ٻن جُدا جُدا ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم انهن آپريشنن ۾ فتنه الخوارج جي 15 دهشتگردن کي مارڻ جي سيڪيورٽي فورسز جي …
وزيراعظم پاران 15 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ضلعي جي ڪولاچي ۽ اتر وزيرستان ضلعي جي دته خيل ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ٻن جُدا جُدا ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم انهن آپريشنن ۾ فتنه الخوارج جي 15 دهشتگردن کي مارڻ جي سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين جي واکاڻ ڪندي چيو ته عزم ۽ استحڪام جي وزن تحت، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهيون آهن. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف هن جنگ ۾ پاڪستان جي فوج سان گڏ بيٺي آهي. وزيراعظم ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.











