چين جو وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روس پهچي ويو

ماسڪو-17 نومبر (اي پي پي) چين جو وزيراعظم لي ڪيانگ سومر ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن واري ڪائونسل جي 24هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روس پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق روسي وزيراعظم ميخائل ميشوستن جي دعوت تي چيني وزيراعظم لي ڪانگ 17 ۽ 18 نومبر تي ٿيندڙ ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. چيني وزيراعظم جي ماسڪو جي ونوڪوو ايئرپورٽ پهچڻ تي روسي حڪومت جي …

ماسڪو-17 نومبر (اي پي پي) چين جو وزيراعظم لي ڪيانگ سومر ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن واري ڪائونسل جي 24هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روس پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق روسي وزيراعظم ميخائل ميشوستن جي دعوت تي چيني وزيراعظم لي ڪانگ 17 ۽ 18 نومبر تي ٿيندڙ ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. چيني وزيراعظم جي ماسڪو جي ونوڪوو ايئرپورٽ پهچڻ تي روسي حڪومت جي نمائندن ۽ روس ۾ مقرر چيني سفير جهانگ هانيوئي سندن آجيان ڪئي.