ڪراچي-17 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم محمد شهباز شريف کان ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي لاءِ وفاقي سهڪار جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڪي سي آر جهڙو وڏو منصوبو سنڌ حڪومت اڪيلي مڪمل نٿي ڪري سگهي ان لاءِ وفاقي سطح تي مڪمل مدد ضروري آهي. اها ڳالهه هن ڪينٽ اسٽيشن جي تاريخي اپ گريڊيشن جي تقريب ۾ وزيراعظم جي موجودگي ۾ خطاب …
ڪي سي آر جهڙو وڏو منصوبو سنڌ حڪومت اڪيلي مڪمل نٿي ڪري سگهي: سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي-17 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم محمد شهباز شريف کان ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي لاءِ وفاقي سهڪار جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڪي سي آر جهڙو وڏو منصوبو سنڌ حڪومت اڪيلي مڪمل نٿي ڪري سگهي ان لاءِ وفاقي سطح تي مڪمل مدد ضروري آهي. اها ڳالهه هن ڪينٽ اسٽيشن جي تاريخي اپ گريڊيشن جي تقريب ۾ وزيراعظم جي موجودگي ۾ خطاب دوران چئي. وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف ۽ ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جو خاص شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته ڪراچي جي ترقي لاءِ وفاقي حڪومت جو سنجيده ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته ريلوي لائينن ۽ برانچن جي اپ گريڊيشن سنڌ واسين لاءِ انتهائي هاڪاري قدم آهي. وڏي وزير چيو ته جيستائين ڪراچي – حيدرآباد موٽر وي مڪمل نٿو ٿئي ان وقت تائين ريل جو سفر عوام لاءِ سڀ کان مناسب ۽ اثرائتو آهي. هن وفاق کي موٽر وي کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ چيو ڇو ته بهتر علائقائي رابطو روزانو هزارين مسافرن لاءِ وڏي سهولت بڻجندو. هن ڪراچي جي ٽرانسپورٽ سسٽم کي جديد بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي قدمن جو ذڪر ڪيو، جن ۾ اليڪٽرڪ بسون، پيپلز بس سروس ۽ عورتن لاءِ پنڪ بس سروس شامل آهن، پر ان سان گڏ هن وضاحت ڪئي ته شهر جي وڌندڙ آبادي ۽ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ڪي آر سي جهڙي مڪمل ماس ٽرانزٽ سسٽم جي سخت ضرورت آهي. وڏي وزير هڪ ڀيرو ٻيهر ڪي آر سي منصوبي لاءِ وفاقي مدد جي درخواست ڪئي ۽ چيو ته صوبائي وسيلا اهڙي وڏي منصوبي لاءِ ڪافي ناهن. هن يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت وفاق ۽ ريلوي اختيارين سان مڪمل سهڪار ڪندي ته جيئن منصوبو ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿي سگهي. ياد رهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جو مقصد شهر جي ٽرئفڪ جي دٻاءَ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ ملڪ جي وڏي ميٽروپولس ۾ پائيدار شهري سفري نظام فراهم ڪرڻ آهي. ڪيترن ئي سالن کان پوءِ ٻيهر شروع ڪيل هن منصوبي تي سنڌ حڪومت جو وڌندڙ ڌيان ان ڪري آهي ته ڪراچي جي آبادي ۽ ٽرانسپورٽ جون گهرجون تيزي سان وڌي رهيون آهن. ڪي آر سي لاءِ وفاق جي ڀرپور شرڪت عالمي فنڊنگ ۽ فني سهڪار حاصل ڪرڻ لاءِ اهم آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت هن منصوبي لاءِ زمين، لاجسٽڪ سهڪار ۽ ٻين مقامي ٽرانسپورٽ نظامن سان انضمام فراهم ڪندي. منصوبي جي شروعاتي مرحلن ۾ روزانو هزارين مسافرن کي فائدو ٿيندو، جڏهن ته مستقبل ۾ ان کي وڌيڪ وڌائڻ جا منصوبا به شامل آهن.











