مدينه منوره -17 نومبر (اي پي پي) ڀارت مان سعودي عرب ويندڙ عمره زائرين جي بس مدينه منوره ويجهو آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 42 عمره زائرين فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب عمري لاءِ سعودي عرب ۾ موجود زائرين گذريل ڏينهن صبح جو هڪ بس ۾ مڪي کان مدينه منوره وڃي رهيا هئا ته سندن بس هڪ آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي جنهن کان پوءِ …
سعودي عرب ۾ ڀارتي عمره زائرين جي بس مدينه منوره ويجهو آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي، 42 زائرين فوت
مدينه منوره -17 نومبر (اي پي پي) ڀارت مان سعودي عرب ويندڙ عمره زائرين جي بس مدينه منوره ويجهو آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 42 عمره زائرين فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب عمري لاءِ سعودي عرب ۾ موجود زائرين گذريل ڏينهن صبح جو هڪ بس ۾ مڪي کان مدينه منوره وڃي رهيا هئا ته سندن بس هڪ آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي جنهن کان پوءِ ٻنهي گاڏين ۾ باهه لڳي وئي. رپورٽ موجب بس ۾ 42 ماڻهو سوار هئا جن جو تعلق ڀارتي رياست تلنگانه جي شهر حيدرآباد سان هو ۽ انهن عمره زائرين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا. حادثي واري هنڌ امدادي ڪارروائيون جاري آهن جڏهن ته سرڪاري سطح تي اڃا تائين فوتگين جي تعداد بابت تصديق ناهي ڪئي وئي. بئي پاسي ڀارتي سياستدان اسد الدين اويسي ان حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي اطلاعن موجب عمره زائرين جي بس کي پيش آيل حادثي ۾ 41 ماڻهو فوت ٿيا آهن. شروعات اطلاعن موجب فوت ٿيلن ۾ گهڻو تعداد حيدرآباد جي شهرين جو آهي جن ۾ 20 عورتون ۽ 11 ٻار شامل آهن. رپورٽن موجب 40 کان وڌيڪ ماڻهو ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته سرڪاري سطح تي فوتگين جو حتمي انگ جاري ناهي ڪيو ويو.












