مستقبل جي نسلن جي زندگي جو بهتر معيار آبادي ۾ تيزي سان اضافي تي ڪنٽرول ڪرڻ سان ئي ممڪن آهي: مصدق ملڪ

اسلام آباد -17 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي، ته مستقبل جي نسلن لاءِ زندگي جو بهترين معيار آبادي ۾ تيزي سان اضافي کي ڪنٽرول ڪرڻ سان ئي ممڪن آهي، ماحولياتي تحفظ لاءِ آبادي ۾ اعتدال اڻٽر آهي. انهن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ ڊسٽرڪٽ ولنر ايبلٽي انڊيڪس جي عنوان سان پاپوليشن ڪائونسل جي رپورٽ جاري …

اسلام آباد -17 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي، ته مستقبل جي نسلن لاءِ زندگي جو بهترين معيار آبادي ۾ تيزي سان اضافي کي ڪنٽرول ڪرڻ سان ئي ممڪن آهي، ماحولياتي تحفظ لاءِ آبادي ۾ اعتدال اڻٽر آهي. انهن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ ڊسٽرڪٽ ولنر ايبلٽي انڊيڪس جي عنوان سان پاپوليشن ڪائونسل جي رپورٽ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته آبادي تي ڪنٽرول سان ئي خوشحالي جا رستا کلي سگهن ٿا. تيزي وڌندڙ آبادي ماحولياتي آلودگي جو سبب به بڻجندي آهي. هن چيو ته ترقي جي رفتار وڌائڻ لاءِ آبادي ۾ تيزي سان اضافي تي ڪنٽرول اڻٽر اهي، مسلسل ترقي لاءِ آبادي جي اثرائتي مينجمينٽ لازم آهي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته موسمياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر طبقي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. مستحڪم معيشت لاءِ آبادي جي ذميواراڻي منصوبابندي وڏي اهميت رکي ٿي. هن چيو ته وڌيڪ ٻارن جي پيدائش ماءُ ۽ ٻار جي لاءِ صحت جي مسئلن جو سبب بڻجندي آهي، وڌيڪ آبادي ملڪي وسيلن تي شديد دٻاءَ جو سبب بڻجندي آهي، روزگار جا موقعا وڌائڻ لاءِ آبادي ۾ اضافي ۾ توازن ضروري آهي. شهري سهولتون بهتر بڻائڻ لاءِ آبادي ۾ تيزي سان اضافي جو دٻاءَ گهٽ ڪرڻ ضروري آهي. وفاقي وزير چيو ته رپورٽ موجب متاثر ضلعن ۾ 20 لک کان وڌيڪ گهٽ عمر جا ٻار تعليم جي حوالي سان غير يقيني مستقبل کي منهن ڏئي رهيا آهن جڏهن ته 65 سيڪڙو آبادي عارضي ۽ ڪچن گهرن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. وفاقي وزير چيو ته صاف پاڻي، تعليم ۽ محفوظ رهائشي سهولتون نه پر بنيادي حق آهن.

مزید خبریں