گڏيل احترام، سمجهه ۽ اختلافن کي قبول ڪرڻ هڪ پرامن ۽ شموليتي معاشري جون بنيادي ضرورتون آهن: سينيٽر اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) تحمل ۽ برداشت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي انساني حقن، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته گڏيل احترام، سمجهه ۽ اختلافن کي قبول ڪرڻ هڪ پرامن ۽ شموليتي معاشري جون بنيادي ضرورتون آهن. وفاقي وزير چيو ته تحمل ۽ برداشت صرف اخلاقي اصول نهن پر امن، انصاف ۽ پائيدار ترقي جو بنياد آهن. …

اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) تحمل ۽ برداشت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي انساني حقن، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته گڏيل احترام، سمجهه ۽ اختلافن کي قبول ڪرڻ هڪ پرامن ۽ شموليتي معاشري جون بنيادي ضرورتون آهن. وفاقي وزير چيو ته تحمل ۽ برداشت صرف اخلاقي اصول نهن پر امن، انصاف ۽ پائيدار ترقي جو بنياد آهن. هن چيو ته پاڪستان جو آئين ۽ قومي ويزن سمورن شهرين جي برابر حقن ۽ وقار جي ضمانت ڏين ٿا، جڏهن ته اسلامي تعليمن ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي رهنمائي اسان کي ياد ڏياري ٿي ته اسان سڀ هڪ رياست جا برابر شهري آهيون. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته اختلافن کي تسليم ڪرڻ، هڪ ٻئي کان سکڻ ۽ ڪمزور طبقن جي مدد ڪرڻ معاشرتي هم آهنگي لاءِ اهم آهي. هن چيو ته انساني حقن واري وزارت معاشري جي پٺتي پيل ۽ ناقص طبقن جي حقن جي تحفظ ۽ انصاف، شموليت ۽ هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن، شهرين، ادارن، ميڊيا ۽ مذهبي اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته هو گڏيل احترام ۽ برداشت کي هٿي ڏين ته جيئن هڪ اهڙو پاڪستان جوڙي سگهجي جتي جدت کي عزت ملي، اتحاد مضبوط ٿئي ۽ هر ماڻهو باوقار زندگي گذاري سگهي.

مزید خبریں