پاڪستان نيـوي رڪروٽمينٽ اينڊ سليڪشن سينٽر جي پڌرائي

سکر-17 نومبر (اي پي پي) پاڪستان نيـوي رڪروٽمينٽ اينڊ سليڪشن سينٽر سکر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪ بحريا سکر ڊويزن جي نوجوانن لاءِ شارٽ سروس ڪميشن ڪورس 2026-A ۽ ايم ڪيڊٽ اسڪيم (11هين بيچ) ذريعي آفيسر طور شامل ٿيڻ جا بهترين موقعا فراهم ڪري رهي آهي. رجسٽريشن جي آخري تاريخ 23 نومبر 2025 مقرر ڪئي وئي آهي. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مڪينيڪل، ويپن، اليڪٽريڪل، اليڪٽرانڪس/ايونڪس، آٽو موٽو، بائيو …

سکر-17 نومبر (اي پي پي) پاڪستان نيـوي رڪروٽمينٽ اينڊ سليڪشن سينٽر سکر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪ بحريا سکر ڊويزن جي نوجوانن لاءِ شارٽ سروس ڪميشن ڪورس 2026-A ۽ ايم ڪيڊٽ اسڪيم (11هين بيچ) ذريعي آفيسر طور شامل ٿيڻ جا بهترين موقعا فراهم ڪري رهي آهي. رجسٽريشن جي آخري تاريخ 23 نومبر 2025 مقرر ڪئي وئي آهي. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مڪينيڪل، ويپن، اليڪٽريڪل، اليڪٽرانڪس/ايونڪس، آٽو موٽو، بائيو ميڊيڪل، سائڪياٽرسٽ، ريڊيولاجسٽ، جنرل سرجن، ڪارڊيولاجسٽ، پيڊياٽريشن، ڊرماٽولوجسٽ ۽ ٻيون اسپيشلائيزيشنز (مرد ۽ عورت ٻنهي لاءِ)، انگريزي، رياضي، فزڪس، ڪمپيوٽر سائنس، آءِ ٽي، مئنيجمنٽ سائنسز، قانون، موسميات، ڊيٽا ايناليسز، ايڇ آر ايم، ڊفينس ۽ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز شعبن ۾ ڀرتي جاري آهي. جنهن لاءِ اميدوارن جي عمر 1 جولاءِ 2026ع تائين 26 سال مقرر ڪئي وئي آهي. پڌرائي موجب سکر ڊويزن جا سڀ اهل اميدوار وڌيڪ ڄاڻ ۽ رهنمائي لاءِ پاڪستان نيـوي رڪروٽمينٽ اينڊ سليڪشن سينٽر سکر سان رابطو ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته آن لائن رجسٽريشن لاءِ www.joinpaknavy.gov.pk تي پڻ وزٽ ڪري سگهجي ٿو.

مزید خبریں