پاڪستان ريلوي جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ جديد سهولتن جي فراهمي ملڪي معيشت کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

ڪراچي - 17 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ريلوي جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ جديد سهولتن جي فراهمي ملڪي معيشت کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت جي تعاون سان ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) جي جديديت ۽ صوبي سميت سڄي ملڪ جي ريلوي اسٽيشنن جي اپ گريڊيشن کي يقيني بڻائيندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي جي دوري …

ڪراچي – 17 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ريلوي جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ جديد سهولتن جي فراهمي ملڪي معيشت کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت جي تعاون سان ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) جي جديديت ۽ صوبي سميت سڄي ملڪ جي ريلوي اسٽيشنن جي اپ گريڊيشن کي يقيني بڻائيندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي جي دوري دوران نئين شاليمار ايڪسپريس ۽ ڪراچي ڪينٽ ريلوي اسٽيشن کي اپ گريڊ ٿيل ويٽنگ ايرياز ۽ لائونجز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، ريلوي وارو وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ ٻيون شخصيتون پڻ تقريب ۾ موجود هيون. وزيراعظم چيو ته ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ملڪ جي ريلوي نظام جي بهتري جي لاءِ ڀرپور محنت ڪئي، لاهور ريلوي اسٽيشن جي جديديت کانپوءِ ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن کي پڻ جديد سهولتن سان ليس ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي تعاون سان صوبي جون سموريون ريلوي اسٽيشنون جديد رخن تي قائم ڪيون وينديون ته جيئن مسافرن کي بهتر سفري سهولتون ملن. وزيراعظم چيو ته ڪراچي کان لاهور شاليمار ايڪسپريس کي نئين، اپ گريڊ شڪل ۾ هلايو پيو وڃي. هن ڪراچي کي ملڪ جو معاشي مرڪز ۽ ”پاڪستان جي دل“ قرار ڏنو. هن چيو ته پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي حڪومتن سان ويجهو تعاون جاري رکيو ويندو ته جيئن ريلوي نيٽ ورڪ جي بهتري جي ذريعي قومي معيشت کي مضبوط بڻائي سگهجي. هن ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته هن فرسوده ريلوي نظام کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت سمورن صوبن سان گڏجي ريلوي نيٽ ورڪ کي وچ ايشيا تائين توسيع ڏيندي ۽ ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي لائين منصوبو خصوصي اهميت رکندڙ آهي. هن اسلام آباد – استنبول ريل نيٽ جي بحالي تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته ريلوي واري وفاقي وزير ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان پاڪستان ريلوي جي بهتري جي لاءِ 2 ارب ڊالر جي فنانسنگ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير پاران ڪي سي آر کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز تي وزيراعظم مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ ان کي اهم منصوبو قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته 154 ريلوي اسٽيشنون اڳ ۾ ئي جديد بڻايون ويون آهن ۽ جڏهن سموريون وڏيون ۽ ننڍيون اسٽيشنون اپ گريڊ ٿي وينديون ته هو ريلوي واري وفاقي وزير جي لاءِ صدارتي ايوارڊ جي سفارش ڪندو. ان کان اڳ ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو ته وزيراعظم جي رهنمائي ۾ 8 مهينن جي ننڍي عرصي ۾ نمايان بهتري حاصل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن جي جديديت ۽ شاليمار ايڪسپريس جي بحالي شامل آهي. هن چيو ته روهڙي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن تي هڪ ارب رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن جڏهن ته ڪراچي سٽي اسٽيشن تي پڻ ڪم جاري آهي. هن چيو ته حڪومتي پاليسي تحت 14  ٽرينون آئوٽ سروس ڪيون پيون وڃن جڏهن ته ريلوي جون اسپتالون ۽ اسڪول به نجي شعبي جي حوالي ڪيا پيا وڃن جڏهن ته ريلوي ملازمن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو. ايم ايل – 1 منصوبي تي پڻ ڪم جاري آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم جي ڪراچي اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ صوبائي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. بعد ۾ وزيراعظم ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي نئين شاليمار ايڪسپريس جو افتتاح ڪيو ۽ اپ گريڊيڊ ويٽنگ ايريا، سي آءِ پي لائونج، جديد ڊائننگ هال ۽ ڪميپوٽرائزڊ ٽڪيٽنگ سسٽم جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير، سينيئر ريلوي عملدار، آءِ جي ريلوي ۽ غيرملڪي سفارتڪار پڻ موجود هئا.

مزید خبریں