اسلام آباد - 17 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزارت جي اهتمام هيٺ گذريل ڏينهن (آچر تي) ايف نائين پارڪ اسلام آباد ۾ ”اڏار پاڪستان فيملي فيسٽيول“ڪاميابي سان منعقد ٿيو. فيسٽيول جي ڪاميابي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي رهنمائي ۽ حڪومت جي عوام دوست پاليسين جو نتيجو آهي. معرڪه حق ۾ پاڪستان جي شاندار ڪاميابي پوري قوم جا حوصلا بلند ڪيا ۽ انهي جذبي فيسٽيول …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزارت جي اهتمام هيٺ ايف نائين پارڪ اسلام آباد ۾ اڏار پاڪستان فيملي فيسٽيول منعقد

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزارت جي اهتمام هيٺ گذريل ڏينهن (آچر تي) ايف نائين پارڪ اسلام آباد ۾ ”اڏار پاڪستان فيملي فيسٽيول“ڪاميابي سان منعقد ٿيو. فيسٽيول جي ڪاميابي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي رهنمائي ۽ حڪومت جي عوام دوست پاليسين جو نتيجو آهي. معرڪه حق ۾ پاڪستان جي شاندار ڪاميابي پوري قوم جا حوصلا بلند ڪيا ۽ انهي جذبي فيسٽيول جي ماحول کي وڌيڪ ولولا انگيز بڻائي ڇڏيو. فيسٽيول جي ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو ڀرپور تعاون رهيو جڏهن ته گهرو وزارت فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪيا. ان کانسواءِ ضلعي انتظاميا ۽ ٻين ادارن جو پڻ فيسٽيول منعقد ڪرڻ ۾ تعاون رهيو جنهن جي ڪري فيسٽيول حفاظت سان ۽ پراطمينان انداز ۾ مڪمل ٿيو. فيسٽيول ۾ عورتون، ٻار، نوجوان ۽ بزرگ وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. جاڙن شهرن راولپنڊي اسلام آباد جي شهرين خوشگوار ۽ پرامن ماحول ۾ تفريح مان ڀرپور لطف کنيو. فيسٽيول منعقد ڪرڻ کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ايف نائين پارڪ جو دورو ڪيو ۽ مختلف انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن تفريحي سرگرمين جي لاءِ قائم ڪيل اسٽالز، اسٽيج ايريا ۽ فيملي زونز جو معائنو ڪيو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ضروري هدايتون ڏنيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته عوام جي لاءِ صحتمند تفريحي موقعا پيدا ڪرڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ اهڙا پروگرام سماجي هم آهنگي کي فروغ ڏين ٿا. واضح رهي ته دهشتگردي جي باوجود عوام جي وڏي انگ ۾ شرڪت ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته شهري مثبت سرگرمين جي بحالي ۽ ملڪ ۾ روز مره جي زندگي جي رواني لاءِ پرعزم آهن. فيسٽيول ۾ ملڪ جي ناليوارن گلوڪارن عاطف اسلم، فرحان سعيد، نمره مهره، جابر عباس ۽ زونيب زاهد پرفارمنس ڏني جنهن کي شرڪت ڪندڙن تمام گهڻو ساراهيو. اسٽيج جي ميزباني شفاعت علي ۽ صوفيه احمد ڪئي جن پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سان پروگرام کي وڌيڪ دلڪش بڻائي ڇڏيو. ”اڏار پاڪستان“ فيملي فيسٽيول نه رڳو اسلام آباد جي شهرين کي بهترين تفريح فراهم ڪئي پر اهو پيغام به ڏنو ته عوام حالتن کان گهٻرائي ناهي ويٺي پر قومي سطح تي مثبت سرگرمين کي جاري رکڻ جي خواهشمند آهي.











