اسلام آباد -17 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان استحڪام جي منزل حاصل ڪرڻ کان پوءِ هاڻي پائيدار اقتصادي اوسر جي راهه تي گامزن آهي، آبادي جي لحاظ کان وسيلن جو انتظام ڪرڻو پوندو، تيزي سان وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديليون پاڪستان لاءِ ٻه بنيادي وجودي خطرا آهن. پاپوليشن ڪائونسل جي انتظام هيٺ ڊسٽرڪٽ ولز ايبليٽي انڊيڪس آف پاڪستان …
پاڪستان هاڻي پائيدار اقتصادي اوسر جي راهه تي گامزن آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد -17 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان استحڪام جي منزل حاصل ڪرڻ کان پوءِ هاڻي پائيدار اقتصادي اوسر جي راهه تي گامزن آهي، آبادي جي لحاظ کان وسيلن جو انتظام ڪرڻو پوندو، تيزي سان وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديليون پاڪستان لاءِ ٻه بنيادي وجودي خطرا آهن. پاپوليشن ڪائونسل جي انتظام هيٺ ڊسٽرڪٽ ولز ايبليٽي انڊيڪس آف پاڪستان جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان استحڪام جي منزل حاصل ڪرڻ کان پوءِ هاڻي پائيدار اقتصادي اوسر جي راهه تي گامزن آهي ۽ اهم معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري سان ئي ان جي عڪاسي ٿي رهي آهي. هن چيو ته تيزي سان وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديليون پاڪستان لاءِ ٻه بنيادي وجودي خطرا آهن. پاڪستان ۾ آبادي ۾ اضافي جي شرح 2.5 سيڪڙو جي ويجهو آهي ۽ اها شرح تمام وڌيڪ آهي. آبادي ۾ تيزي سان جيڪڏهن اضافو ٿيو ته پوءِ مجموعي قومي پيداوار ۾ اضافو غير متعلق ٿي ويندو آهي. اهو سلسلو پائيدار ناهي، اسان کي آبادي جي لحاظ سان وسيلن جو انتظام ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ٻار اسان جي مستقبل جا معمار آهن، پاڪستان ۾ 40 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ٻار اسٽنٽنگ جو شڪار آهن، 50 سيڪڙو نياڻيون اسڪولن کان ٻاهر آهن، اهي ٻئي تمام سنجيده نوعيت جا مسئلا آهن. هن چيو ته موسمياتي تبديليون ۽ انهن تبديلين سان هڪجهڙائي هڪ اهم مسئلو آهي، موسمياتي موزونيت لاءِ اسان موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏ هر قسم جي مدد لاءِ تيار آهيون، ناڻي واري وزير جو منصب سنڀالڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي ساليانو اجلاسن جي موقعي تي موسمياتي تبديلين لاءِ قائم اتحاد جي ناڻي وارن وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ هنن مهينن ۾ مون کي اندازو ٿيو ته انهن معاملن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۾ ناڻي وارن وزيرن جو ڪردار تمام گهڻي اهميت رکي ٿو ڇاڪاڻ ته موسمياتي موزونيت ۽ ماحولياتي فنانس لاءِ فنڊ رکڻ ۽ وسيلن جي فراهمي ۾ انهن جو ڪردار اهم هوندو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت پٺتي پيل ۽ گهٽ ترقي يافته ضلعن جي ترقي ۽ انهن کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، بهتر موقعا تلاش ڪرڻ ۾ ٻهراڙي وارن علائقن مان شهرن ۽ وڏن هنڌن تي لڏپلاڻ جو عمل جاري آهي. ان جي نتيجي ۾ ڪچي جي آبادين جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، انهن آبادين ۾ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، گندي پاڻي جي نيڪال ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ هوندي آهي. ان سان چائلڊ اسٽنٽنگ ۽ ٻين مسئلن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته سماجي ترقي لاءِ اهو سمجهڻ ضروري آهي ته آبادي ۾ اضافو ۽ موسمياتي تبديلين جو هڪ ٻئي سان سڌي ريت تعلق آهي. ان سان گڏوگڏ وسيلا رکڻ ۽ انهن ۾ سڌارا به ضروري آهن، ناڻي واري وزير ايف سي ڊي ۽ برطانوي حڪومت جو ٿورو مڃيندي چيو ته برطانيه جي حڪومت ۽ ايف سي ڊي ۽ پاڪستان حڪومت سان گڏ مختلف شعبن ۾ سهڪار فراهم ڪري رهيا آهن.











