وفاقي گھرو وزير محسن نقوي سان چين جي سفير جي مُلاقات

اسلام آباد - 17 نومبر (اي پي پي)گھرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان چين جي سفير جيان زيڊونگ ملاقات ڪئي جنھن ۾ پاڪ - چين ٻه طرفن لاڳاپن ۽ گڏيل معاملن واري دلچپسي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جاري بيان مطابق چين جي سفير اسلام آباد ۾ آپگھاتي حملي جي مذمت ڪئي. چين جي سفير واقعي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان تي تعزيت جو اظھار ڪندي …

اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي)گھرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان چين جي سفير جيان زيڊونگ ملاقات ڪئي جنھن ۾ پاڪ – چين ٻه طرفن لاڳاپن ۽ گڏيل معاملن واري دلچپسي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جاري بيان مطابق چين جي سفير اسلام آباد ۾ آپگھاتي حملي جي مذمت ڪئي. چين جي سفير واقعي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان تي تعزيت جو اظھار ڪندي چيو ته چين جي پرڏيھي وزارت جي ترجمان به ان واقعي جي مذمت ڪئي آھي. ملاقات ۾ دھشتگردي جي روڪٿام ۽ سيڪيورٽي سھڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گھرو وزير چيو ته پاڪ – چين لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل آھن. چين پاڪستان جو اھو بااعتماد دوست آھي جنھن ھر مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو آھي. محسن نقوي چيو ته پاڪستان دھشتگردي ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آھي.

مزید خبریں