عوامي ليگ کان سواءِ اليڪشن ٿيڻ نه ڏينداسين: بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي پٽ جو بيان

ڍاڪا -17 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي پٽ ۽ صلاحڪار خبردار ڪيو آهي، ته جيڪڏهن عوامي ليگ تان پابندي نه هٽائي وئي ته عوامي ليگ جا حامي فيبروري ۾ چونڊون ٿيڻ نه ڏيندا ۽ احتجاج تشدد جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب واشنگٽن ۾ رهندڙ شيخ حسينه واجد جي پٽ سجيب واجد جو اهو بيان ڍاڪا جي عدالت  جي فيصلي کان …

ڍاڪا -17 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي پٽ ۽ صلاحڪار خبردار ڪيو آهي، ته جيڪڏهن عوامي ليگ تان پابندي نه هٽائي وئي ته عوامي ليگ جا حامي فيبروري ۾ چونڊون ٿيڻ نه ڏيندا ۽ احتجاج تشدد جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب واشنگٽن ۾ رهندڙ شيخ حسينه واجد جي پٽ سجيب واجد جو اهو بيان ڍاڪا جي عدالت  جي فيصلي کان هڪ ڏينهن اڳ سامهون آيو جنهن ۾ 78 سالن جي شيخ حسينه واجد کي 2024ع ۾ شاگردن جي مظاهرن تي ڪريڪ ڊائون ۽ انسانيت خلاف ڏوهن جي الزام ۾ عدم حاضري تي سزا ٻڌائڻ جو امڪان آهي. سجيب واجد  چيو ته ڀارت سندس والده کي مڪمل تحفظ فراهم  ڪري رهيو آهي ۽ ساڻس مملڪت جي سربراهه وانگر  سلوڪ ڪري رهيو آهي.  سجيب واجد چيو ته ٿي سگهي ٿو ته بنگلاديش جي عدالت سندس والده کي ڏوهي قرار ڏئي يا ان کي موت جي سزا ٻڌائي، پر اهي عمل کيس ڪجهه نٿا ڪري سگهن ڇاڪاڻ ته سندس والده هن وقت ڀارت ۾ آهي جتي کيس ڀرپور تحفظ فراهم ڪيو پيو وڃي. سجيب واجد چيو ته هو ان وقت تائين اپيل نه  ڪندو جيستائين چونڊيل حڪومت جمهوري طور تي عوامي ليگ جي شامل ٿيڻ سان حڪومت نٿي سنڀالي وٺي. واضح رهي ته عوامي ليگ جي رجسٽريشن مئي ۾ ان وقت ختم ڪئي وئي هئي جڏهن عارضي حڪومت قومي سلامتي کي لاڳو خطرن ۽ سينئر قيادت تي جنگي ڏوهن جي جاچ جو حوال ڏيندي  ان جي سياسي سرگرمين تي پابندي لڳائي هئي. سجيب واجد چيو ته اسان عوامي ليگ کان سواءِ اليڪشن نه ٿيڻ ڏينداسين، اسان جو احتجاج مضبوط کان به مضبوط ٿي رهيو آهي، جيستائين عالمي برادري ڪجهه نٿي ڪري اسان کي جيڪو ڪجهه به ڪرڻو پيو اسان ڪنداسين. چونڊن کان اڳ تشدد ۽ ويڙهه ٿي سگهي ٿي. ٻئي پاسي حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي، ته عوامي ليگ تان پابنديون هٽائڻ جو في الحال ڪو به منصوبو غور هيٺ ناهي. ترجمان موجب عارضي حڪومت ڪنهن به قسم جي چڙ ڏيارڻ، خاص ڪري جلاوطن قيادت طرفان کنيل قدمن کي انتهائي غير ذميواراڻو ۽ مذمت جوڳو سمجهي ٿي. هن چيو ته في الوقت عوامي ليگ لاءِ ڳالهين جي ڪا به گنجائش ناهي ڇاڪاڻ ته اها پنهنجي دور ۾ انسانيت خلاف ڪيل ڏوهن تي پشيماني ۽ احتسابي عمل کان انڪار ڪري رهي آهي جن ۾ انٽرنيشنل ڪرائيمز ٽربيونل تحت ڪيس به شامل آهي. ياد رهي ته 17 ڪروڙ آبادي وارو ملڪ بنگلاديش دنيا جي سڀ کان وڏي گارمينٽس جي ايڪسپورٽرز  مان هڪ آهي جيڪو وڏين عالمي برانڊز جو سامان سپلاءِ ڪندو آهي. گذريل سال ٿيل مظاهرن سبب ان صنعت کي به سخت نقصان پهتو هو. شيخ حسينه واجد آگسٽ 2024ع ۾ بنگلاديش مان فرار ٿي ڀارت هلي وئي هئي ۽ هاڻي دهلي ۾ جلاوطني جي زندگي گذاري رهي آهي.