اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايران جي سياسي معاملن جي نائب وزير ماجد تخت روانچي اسلام آباد ۾ 13هين پاڪ-ايران ٻطرفي سياسي مشاورت (بي پي سي) کان اڳ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن بي پي سي جي تيارين، اهم علائقائي ۽ گهڻ رُخن معاملن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايران جي سياسي معاملن جي نائب وزير ماجد تخت روانچي جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايران جي سياسي معاملن جي نائب وزير ماجد تخت روانچي اسلام آباد ۾ 13هين پاڪ-ايران ٻطرفي سياسي مشاورت (بي پي سي) کان اڳ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن بي پي سي جي تيارين، اهم علائقائي ۽ گهڻ رُخن معاملن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. 13هين پاڪ-ايران بي پي سي سومر تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿي رهي آهي، جنهن جي سربراهي پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ ايران جو نائب وزير ماجد تخت روانچي ڪري رهيا آهن.











