اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران سينئر صحافي حاجي محمد نواز رضا ۽ سينئر صحافي طارق محمود سمير جي سئوٽ جي نوجوان پٽ جي ٽريفڪ حادثي ۾ لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينئر صحافي حاجي محمد نواز رضا ۽ سينئر صحافي طارق محمود سمير جي سئوٽ مرحُوم نويد جي نوجوان پٽ جي ٽريفڪ حادثي ۾ لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته …

اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينئر صحافي حاجي محمد نواز رضا ۽ سينئر صحافي طارق محمود سمير جي سئوٽ مرحُوم نويد جي نوجوان پٽ جي ٽريفڪ حادثي ۾ لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ننڍي عمر ۾ زندگيءَ جو ڏيئو اُجهڻ پيارن لاءِ هڪ ناقابل تلافي صدمو آهي. ڏکويل خاندان جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهيُون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ پونئرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.

مزید خبریں