اسلام آباد - 16 نومبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري سان شاهه اردن عبدالله (ٻه) ابن الحسين ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ اردن جي لاڳاپن جي مستقبل جي رخن تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ ٻه طرفه، علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو جڏهن ته صدر مملڪت آصف علي زرداريءَ، شاهه اردن کي نشان پاڪستان جو اعزاز …
صدر آصف علي زرداري سان شاهه اردن عبدالله (ٻه) جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري سان شاهه اردن عبدالله (ٻه) ابن الحسين ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ اردن جي لاڳاپن جي مستقبل جي رخن تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ ٻه طرفه، علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو جڏهن ته صدر مملڪت آصف علي زرداريءَ، شاهه اردن کي نشان پاڪستان جو اعزاز عطا ڪيو.

ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت آصف علي زرداري سان شاهه اردن عبدالله (ٻه) ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، صدر مملڪت، شاهه اردن کي اعليٰ ترين سول ايوارڊ نشان پاڪستان جو اعزاز عطا ڪيو، صدر مملڪت آصف علي زرداري هاشمي سلطنت اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله (ٻه) ابن الحسين جو ايوان صدر اچڻ تي شاندار استقبال ڪيو. شاهي وفد ۾ شاهه اردن جو مذهبي ۽ ثقافتي معاملن وارو صلاحڪار ۽ ذاتي ايلچي شهزاده غازي بن محمد، نائب وزيراعظم ايمن صفادي ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ميجر جنرل يوسف حنيطي شامل هئا. خاتون اول محترمه آصفه ڀٽو زرداري، پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سينيٽر شيرين رحمان به ان موقعي تي موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ اردن وچ ۾ پراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ ٻه طرفه لاڳاپن جي مختلف رخن تي ڳالهيون ڪيون.

هنن انهن لاڳاپن جي مضبوطي کي وڌيڪ اڳيان وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوام جي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هنن علائقائي ۽ عالمي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ خاص طور تي وچ اوڀر ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي تي ڌيان ڏنو. ٻنهي پاسن کان گهڻ رخي فورمز تي گڏجي ڪم ڪرڻ، انساني همدردي ۽ ترقياتي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي به زور ڀريو ويو. فلسطين جي معاملي تي صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ شاهه اردن عبدالله (ٻه) جنگ بندي کان پوءِ غزه جي صورتحال تي پنهنجي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو. هنن فلسطينين جي ڪنهن به ريت بي گهر ٿيڻ کي رد ڪيو ۽ ٻه رياستي حل جي ضرورت تي زور ڀريو. هنن ان کان اڳ جون 1967ع جي سرحدن تي القدس الشريف کي گادي وارو هنڌ بنائيندي هڪ آزاد، خودمختيار ۽ عمل جوڳي فلسطيني رياست جي قيام جو مطالبو ڪيو. شاهه عبدالله (ٻه) اردن ۽ پاڪستان جي گهرن ۽ مضبوط لاڳاپن تي فخر جو اظهار ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي اردن جي عزم جي تجديد ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ اردن جي لاڳاپن جي مستقبل جي رخ تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ ٻه طرفي، علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن وارو وفاقي وزير سينيٽر مصدق ملڪ ۽ پرڏيهي سيڪريٽري کان علاوه پاڪستان ۾ اردن جو سفير به موجود هو. ملاقات کان پوءِ خاص پروقار تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري، اردن جي شاهه کي نشان پاڪستان جو اعزاز عطا ڪيو. ان موقعي تي اردن جي شاهه به صدر مملڪت آصف علي زرداري کي اردن جو اعليٰ ترين ايوارڊ ”وسام النهض المرصع“ (جواهرن سان مڙهيل آل نهده جو گرينڊ ڪارڊن“ جنهن جو ترجمو ”احيا جو اعزاز“ ڪيو وڃي ٿو) عطا ڪيو، جيڪوبادشاهه طرفان مملڪتن جي سربراهن ۽ معزز شخصيتن کي ڏنو ويندو آهي. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چيف آف دي ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف، ڪابينه جي ميمبرن ۽ سفارتڪارن شرڪت ڪئي. بعد ۾ ايوان صدر ۾ خاص مهمان جي مانَ ۾ دعوت جو به بندوبست ڪيو ويو.











