شاهه اردن عبدالله (ٻه ) جو وفد سان گڏ گلوبل انڊسٽري اينڊ ڊفينس سلوشن جو دورو، فيلڊ مارشل عاصم منير استقبال ڪيو

راولپنڊي - 16 نومبر (اي پي پي)  هاشمي سلطنت اردن جي فرمانروا ۽ اردن جي هٿياربند فوج جي سپريم ڪمانڊر شاهه عبدالله (ٻه) ابن الحسين، پنهنجي نياڻي شهزادي سلمان بنت عبدالله (ٻه) ۽ اردن جي سول عسڪري عملدارن تي ٻڌل وفد سان گڏ گلوبل انڊسٽري اينڊ ڊفينس سليوشنز سينٽر جو دورو ڪيو.  فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشان امتياز (هلال جرئت)، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ ٻين سينئر آفيسرن سان …

راولپنڊي – 16 نومبر (اي پي پي)  هاشمي سلطنت اردن جي فرمانروا ۽ اردن جي هٿياربند فوج جي سپريم ڪمانڊر شاهه عبدالله (ٻه) ابن الحسين، پنهنجي نياڻي شهزادي سلمان بنت عبدالله (ٻه) ۽ اردن جي سول عسڪري عملدارن تي ٻڌل وفد سان گڏ گلوبل انڊسٽري اينڊ ڊفينس سليوشنز سينٽر جو دورو ڪيو.  فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشان امتياز (هلال جرئت)، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ ٻين سينئر آفيسرن سان گڏ شاهي مهمانن جو شاندار آڌر ڀاءَ ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب دوري دوران شاهه اردن کي جي آءِ ڊي ايس جي جهڙي، صلاحيتن ۽ شين جي پورٽ فوليو تي جامع بريفنگ ڏني وئي.

ان بريفنگ ۾ پاڪستان جي مقامي دفاعي پيداوار، فني جدت جڏهن ته پاڪستان ۽ اردن وچ ۾ ٻه طرفي دفاعي تعاون جي امڪاني موقعن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. بعد ۾ شاهه عبدالله (ٻه) ٽله فيلڊ فائرنگ رينج جو به دورو ڪيو.

وزيراعظم محمد شهباز شريف به ان موقعي کي رونق بخشي. جمهوريه آذربائيجان جو بچاءُ ۽ صنعت وارو وزير  ووگر ويله اوغلو مصطفائيف به فائرنگ رينجز ۾ معزز مهمانن ۾ شامل هو. شاهه اردن ۽ معزز مهمانن هڪ گڏيل فائر اينڊ مينيور جو مشاهدو ڪيو.

هن مشق ۾ گهڻ رخي آپريشنز جو مظاهرو ڪيو ويو، جن ۾ روائتي ۽ فضائي فائر پاور، هم آهنگ چر پر ۽ اسپيڪترم وار فيئر جون صلاحيتون شامل هيون، جن مختلف ۽ گهڻ رخي مقصدن تي ٻڌل ڊرونز جو به عملي مظاهرو ڪيو. شاهه عبدالله (ٻه) مشق ۾ شامل جٿن ۽ فضائي عملي جي اعليٰ معيار جي تربيت، پيشيواراڻي صلاحيت، قابليت ۽ حربي تيارين جي ساراهه ڪئي.

ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف اردن جي شاهه عبدالله (ٻه) ۽ اردن جي عوام لاءِ پاڪستان طرفان دلي احترام ۽ جذبن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هي دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پائيدار دوستي، گڏيل اعتماد ۽ امن ۽ ترقي جي گڏيل جذبي جي عڪاسي ڪري ٿو.  دوري دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان ۽ اردن وچ  ۾ مضبوط دفاعي حصيداري تي زور ڀريو.

فيلڊ مارشل اردن سان فوجي تعاون کي وڌائڻ، مستحڪم ۽ پرامن خطي جي گڏيل ويزن کي گڏيل طور حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جي تجديد ڪئي. ان کان اڳ شاهه اردن فيلڊ مارشل کي هاشمي سلطنت اردن ۽ پاڪستان وچ ۾  دفاعي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ سندس شاندار خدمتن ۽ نمايان حصيداري جي اعتراف ۾ ”آرڊر آف ملٽري ميرٽ آف فرسٽ ڊگري“   سان نوازيو. 

شاهه عبدالله (ٻه) جو پاڪستان جو دورو  پاڪستان ۽ هاشمي سلطنت وچ ۾ ڀائراڻن ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل تاريخي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿي رهيو آهي.

مزید خبریں