قاهره - 17 نومبر (اي پي پي ) مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي اعلان ڪيو آهي ته غزه پٽي تي عالمي استحڪام فورس جي حوالي سان عرب اسلامي مُلڪن ۾اتفاق موجود آهي. هن پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عرب ۽ اسلامي ملڪن سان گڏ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو آهي ته غزه ۾ عالمي استحڪام فورس جو ڪم غزه پٽي ۾ جنگ بندي جي معاهدي جي لاڳو …
غزه ۾ عالمي فورس تي عرب اسلامي مُلڪن ۾ اتفاق آهي: مصر
قاهره – 17 نومبر (اي پي پي ) مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي اعلان ڪيو آهي ته غزه پٽي تي عالمي استحڪام فورس جي حوالي سان عرب اسلامي مُلڪن ۾اتفاق موجود آهي. هن پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عرب ۽ اسلامي ملڪن سان گڏ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو آهي ته غزه ۾ عالمي استحڪام فورس جو ڪم غزه پٽي ۾ جنگ بندي جي معاهدي جي لاڳو ڪرڻ جي نگراني ۽ جائزو وٺڻو پوندو. هن ان ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪيترن ئي ملڪن طرفان خواهش جي به تصديق ڪئي . مصر جي وزير وڌيڪ چيو ته سندس ملڪ غزه ۾ نسل ڪشي جي جنگ کي روڪڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري هڪ وڏي اڳڀرائي ڪئي آهي. هن ان کي هڪ تاريخي ڪاميابي ۽ فتح قرار ڏنو ۽ معاهدي جي مرحلي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪم جاري رکڻ جو عهد ڪيو آهي. وزير غزه پٽي کي ورهائڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي مصر جي موقف کي مڪمل طور تي رد ڪرڻ تي زور ڀريو . هن چيو ته غزه هڪ متحد ٽڪڙو رهندو ۽ اسان ڪنهن به ورهانگي کي قبول نه ڪنداسين. هن اها به وضاحت ڪئي ته مصر صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي منصوبي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو . هڪ اهڙو منصوبو جنهن ۾ غزه کي هڪ متحد ٽڪڙو رهڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته مصر ، عرب ۽ اسلامي ڪوششن جو بنيادي مقصد ٻه رياستي حل تائين پهچڻ آهي . بدر عبدالعاطي اهو به انڪشاف ڪيو ته مصر جنگ بندي کي مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ۽ لاش حوالي ڪرڻ بعد هو ٻي مرحلي طرف وڌندا.












