تعليم کان سواءِ ترقي ممڪن ناهي، انٽرميڊيٽ تائين معياري تعليم بنيادي شرط آهي: قيصر احمد شيخ

اسلام آباد- 16 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪوريا جي پنج سالن جي منصوبي جا مثال اسان لاءِ معالعي جوڳا آهن، تعليم کان سواءِ ترقي ممڪن ناهي، انٽرميڊيٽ تائين معياري تعليم بنيادي شرط آهي، پاڪستاني شاگردن ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي، صحيح رخ ڏينداسين ته دنيا ۾ اڳتي وڌندا. فاسٽ يونيورسٽي چنيوٽ جي ڪاميابي ڏسي خوشي ٿيندي آهي، شروع ۾ چنيوٽ ڪيمپس تي اعتراض ڪيو ويندو هو، پر …

اسلام آباد- 16 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪوريا جي پنج سالن جي منصوبي جا مثال اسان لاءِ معالعي جوڳا آهن، تعليم کان سواءِ ترقي ممڪن ناهي، انٽرميڊيٽ تائين معياري تعليم بنيادي شرط آهي، پاڪستاني شاگردن ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي، صحيح رخ ڏينداسين ته دنيا ۾ اڳتي وڌندا. فاسٽ يونيورسٽي چنيوٽ جي ڪاميابي ڏسي خوشي ٿيندي آهي، شروع ۾ چنيوٽ ڪيمپس تي اعتراض ڪيو ويندو هو، پر اڄ ڪاميابي سڀني جي سامهون آهي. هن چيو ته منهنجي ڪٽنب ۽ ڪمپني يونيورسٽي لاءِ 10 ايڪڙ زمين ڏني، 10 لک روپيا گوڊل ميڊل حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ 10 لک روپيه مستحق شاگردن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيان ٿو. هن چيو ته فاسٽ يونيورسٽي نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم فراهم ڪري رهي آهي، شاگرد پنهنجي مستقبل جو بهتر نقشو پاڻ ٺاهين، محنت ۽ مسلسل جدوجهد ئي ڪاميابي آهي.

مزید خبریں