نومبر جي شهيدن ميجر محمد حسيب شهيد، حوالدار نور احمد شهيد جي پهرين ۽ ميجر واصف شهيد جي 11هين ورسي ملهائي وئي

اسلام آباد- 16 نومبر (اي پي پي) نومبر جي شهيدن ميجر محمد حسيب شهيد، حوالدار نور احمد شهيد جي پهرين ۽ ميجر واصف شهيد جي 11هين ورسي ملهائي وئي. شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ويو آهي ته شهيد سڄي قوم جي مٿي جو تاج آهن، شهيدن جو قربانيون وطن عزيز جي تاريخ جو روشن باب آهن. تفصيل مطابق انهن عظيم شهيدن ميجر واصف حسين شاهه شهيد، ميجر حسيب …

اسلام آباد- 16 نومبر (اي پي پي) نومبر جي شهيدن ميجر محمد حسيب شهيد، حوالدار نور احمد شهيد جي پهرين ۽ ميجر واصف شهيد جي 11هين ورسي ملهائي وئي. شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ويو آهي ته شهيد سڄي قوم جي مٿي جو تاج آهن، شهيدن جو قربانيون وطن عزيز جي تاريخ جو روشن باب آهن. تفصيل مطابق انهن عظيم شهيدن ميجر واصف حسين شاهه شهيد، ميجر حسيب شهيد ۽ حوالدار نور احمد شهيد شامل آهن، ميجر واصف شاهه شهيد آپريشن ضرب عضب دوران بهادري سان وڙهندي 15 نومبر 2014ع تي شهادت ماڻي، ميجر واصف حسين شاهه شهيد جي بهادري تي کيس ستاره بسالت سان به نوازيو ويو. ميجر محمد حسيب شهيد ۽ حوالدار نور احمد شهيد بيباڪ، بهادر ۽ وطن تي جان ڏيڻ جو عزم رکندڙ اهي مجاهد آهن جن وطن خاطر شهادت ماڻي. ميجر محمد حسيب شهيد ۽ حوالدار نور احمد شهيد 14 نومبر 2024ع تي دهشتگردن خلاف بلوچستان (هرنائي) ۾ آپريشن دوران بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي. شهيدن جون عظيم قربانيون وطن عزيز جي هر جوان لاءِ مشعل راهه آهن.

مزید خبریں