اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) اردن جي شاهه عبدالله ٻه جي وزيراعظم هائوس آمد تي شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اردن جي شاهه عبدالله 2 جي آجيان ڪئي، ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو.ڪالهه شاهه عبدالله 2 جي وزيراعظم هائوس آمد تي سندس اعزاز ۾ پروقار استقبال واري تقريب جو بندوبست ڪيو ويو، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا، هٿياربند فوج جي …
اردن جي شاهه عبدالله ٻه جي وزيراعظم هائوس آمد تي شاندار آڌرڀاءُ، گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) اردن جي شاهه عبدالله ٻه جي وزيراعظم هائوس آمد تي شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اردن جي شاهه عبدالله 2 جي آجيان ڪئي، ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو.ڪالهه شاهه عبدالله 2 جي وزيراعظم هائوس آمد تي سندس اعزاز ۾ پروقار استقبال واري تقريب جو بندوبست ڪيو ويو، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا، هٿياربند فوج جي چست جٿي شاهه عبدالله 2 کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. شاهه عبدالله 2 گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو اردن جي شاهه عبدالله 2 سان تعارف ڪرايو، جڏهن ته اردن جي شاهه به پنهنجي وفد جي ميمبرن کي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تعارف ڪرايو. شاهه عبدالله 2 وزيراعظم هائوس ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو.











