اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي اردن جو شاهه عبدالله ٻه پنهنجي 2 ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو، شاهه عبدالله ٻه جي جهاز کي پاڪستاني فضائي حدن ۾ آمد تي پاڪ فضائيه جي ايف 17 ٿنڊر جهازن، شاهي جهاز کي اسلام آباد تائين حفاظتي پروٽوڪول فراهم ڪيو، صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، نور خان ايئربيس پهچڻ …
اردن جي شاهه عبدالله 2 جو پاڪستان جي دوري تي پهچڻ تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف استقبال ڪيو

مزید خبریں
اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي اردن جو شاهه عبدالله ٻه پنهنجي 2 ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو، شاهه عبدالله ٻه جي جهاز کي پاڪستاني فضائي حدن ۾ آمد تي پاڪ فضائيه جي ايف 17 ٿنڊر جهازن، شاهي جهاز کي اسلام آباد تائين حفاظتي پروٽوڪول فراهم ڪيو، صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، نور خان ايئربيس پهچڻ تي معزز مهمان جو استقبال ڪيو. ايوان صد جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق شاهه عبدالله ٻه 21 سالن کانپوءِ اردن جي ڪنهن فرمانروار جي حيثيت سان پهرين سرڪاري دوري تي پاڪستان پهتو آهي. اردن جي شاهه عبدالله ٻه جي جهاز کي پاڪستاني فضائي حدن ۾ آمد تي پاڪ فضائيه جي ايف 17 ٿنڊر جهازن، شاهي جهاز کي اسلام آباد تائين حفاظتي پروٽوڪول فراهم ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير، خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به موجود هئا. صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شاهه عبدالله ٻه جو دورو ٻطرفي لاڳاپن کي نوان اسٽريٽجڪ رخ فراهم ڪندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ اردن جا لاڳاپا تاريخي، برادراڻا، گڏيل اعتماد ۽ گڏيل قدرن جي بنياد تي قائم آهن.











