اسلام آباد -15 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ لعل بخش ڀٽو جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته لعل بخش ڀٽو جي جمهوري جدوجهد ۽ عوامي خدمت کي هميشه قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. هن چيو ته مرحوم لعل بخش ڀٽو پيپلز پارٽي …
صدر پاران پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ لعل بخش ڀٽو جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -15 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ لعل بخش ڀٽو جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته لعل بخش ڀٽو جي جمهوري جدوجهد ۽ عوامي خدمت کي هميشه قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. هن چيو ته مرحوم لعل بخش ڀٽو پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان جمهوري ادارن جي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر آصف علي زرداري مرحوم اڳواڻ جي ڪٽنب سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته لعل بخش ڀٽو جو لاڏاڻو پارٽي نه پر پوري قوم لاءِ نقصان آهي. صدر ڌڻي در مرحوم جي مغفرت ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر لاءِ دعا پڻ ڪئي.











