لاهور -15 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان طرفان وزيراعظم محمد شهباز شريف تي لڳايل الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن، پي ٽي آءِ جي باني جي گهر واري بشريٰ بي بي حڪومتي معاملن ۾ اثرانداز ٿيندي هئي، ۽ ”روحانيت جي بنياد تي فيصلا“ڪيا ويندا هئا. انهن خيالن جو اظهار هن جوڊيشل ڪامپليڪس ۾ …
پي ٽي آءِ جي باني پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف تي لڳايل الزام ڪوڙا آهن: عطاالله تارڙ

مزید خبریں
لاهور -15 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان طرفان وزيراعظم محمد شهباز شريف تي لڳايل الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن، پي ٽي آءِ جي باني جي گهر واري بشريٰ بي بي حڪومتي معاملن ۾ اثرانداز ٿيندي هئي، ۽ ”روحانيت جي بنياد تي فيصلا“ڪيا ويندا هئا. انهن خيالن جو اظهار هن جوڊيشل ڪامپليڪس ۾ پي ٽي آءِ جي باني خلاف ٻڌڻي هيٺ هتڪ عزت ڪيس جي ڪارروائي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. عطالله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جي باني وزيراعظم محمد شهباز شريف تي ڪوڙو الزام لڳايو هو. اڄ مان عدالت ۾ پيش ٿيس ۽ پي ٽي آءِ جي وڪيل جي سمورن سوالن جا جواب ڏنا. عطالله تارڙ ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف 2007ع ۾ پي ٽي آءِ جي باني خلاف هتڪ عزت جي دعويٰ داخل ڪئي هئي. اها دعويٰ ان وقت ڪئي وئي جڏهن پي ٽي آءِ جو باني پانامه ڪيس واپس وٺڻ لاءِ شهباز شريف تي 10 ارب روپين جي آڇ جو بي بنياد الزام لڳايو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته اها ڪوڙي دعويٰ ۽ بي بنياد پروپئگنڊه ان وقت ملڪ جي سمورن وڏين اخبارن ۾ شايع ٿي، اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پروگرام به ٿيا پر انهن جو حقيقت سان ڪو به تعلق نه هو. هن زور ڀريو ته پي ٽي آءِ جي باني اهي الزام هر فورم تي ورجايا، جڏهن ته سندس پورو نظام ڪوڙ، بهتان ۽ گمراهه ڪندڙ بيانئي جو شڪار رهيو. عطاالله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جي باني شهباز شريف خلاف الزام مختلف فورمز تي ورجايا پر اڄ دنيا جا مشهور مئگزين انهن الزامن کي ڪوڙ ۽ بهتانن تي ٻڌل قرار ڏئي رهيا آهن. 2017ع جي ڌرڻن دوران به پي ٽي آءِ جي باني بي بنياد ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ جيترا به اهم فيصلا ٿيا، اهي روحانيت تي ٻڌل سندس گهر بشريٰ بي بي جي سهڪار سان ڪيا ويا هئا، معاشي ۽ سياسي ٻنهي نوعيت جي فيصلن ۾ سندس گهر واري جو مرڪزي ڪردار هو. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ هڪ شخص خلاف لنڊن جي عدالت به فيصلو ڏنو آهي، جيڪو حقيقت جي وڌيڪ تصديق ڪري ٿو، پرڏيهه ۾ ويهي سياست ڪندڙ شخص فوج تي الزام لڳائيندو رهي ٿو، ملڪ جي مفادن خلاف پرڏيهه ۾ ويهي غلط بياني ۽ پروپئگنڊه ڪرڻ انتهائي نقصانده آهي. سڌ سماءَ واري وزير برطانوي رسالي ”دي اڪانومسٽ“ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان رپورٽ ۾ واضح طور لکيو ويو آهي، ته پي ٽي آءِ جي باني جي گهر واري حڪومتي معاملن ۾ اثر انداز ٿيندي هئي، روحانيت جي بنياد تي فيصلا ڪيا ويندا هئا ۽ انهن تي عمل به ٿيندو هو. هن مثال ڏيندي چيو ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بزدار کي به اهڙن ئي فيصلن تحت وڏ وزارت جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي باني جي دور ۾ پوري نظام کي ڪوڙ ۽ بهتان جي بنياد تي هلايو ويو. دهشتگردي جي واقعن ۽ سيڪيورٽي ڪارروائين جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته وانا ڪيڊٽ ڪاليج ۾ 550 کان وڌيڪ شاگردن جون حياتيون بچايون ويون، جيڪو پاڪ فوج جي بهادري جي علامت آهي. فوج دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري وڏي ڪارروائي ڪئي. هن اسلام آباد عدالت تي حملي حوالي سان چيو ته جاچ جاري آهي ۽ دهشتگرد هاڻي ”سافٽ ٽارگٽس“ ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سڌ سماءَ واري وزير سريلنڪن هاءِ ڪميشن ۽ زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم جو ٿورو مڃيو ۽ زور ڀريو ته راند ۽ امن جون سرگرميون هر صورت جاري رهنديون. ائيني ترميمن ۽ عدالتي سڌارن جي حوالي سان سوال تي عطاالله تارڙ چيو ته آئيني ترميمن ذريعي فيصلا ٿيندا آهن. ۽ پارليامينٽ کي قانونسازي جو مڪمل اختيار حاصل آهي. ججز جون سموريون مقرريون ميرٽ تي ٿينديون. هن چيو ته ملڪ ۾ آئيني نوعيت جا ڪيس بڌڻ لاءِ ڌار بئنچ يا عدالت قائم ٿيڻ سان عوام کي فائدو ٿيندو. 27هين آئيني ترميم کي جلدي ۾ منظور ڪرڻ جو الزام صحيح ناهي، ان تي ڪيترن ئي سالن کان ڳالهيون ٿي رهيون هيون، پر عمل نه ٿي سگهيو هو. هن چيو ته ڪوڙن بيانن ۽ پروپئگنڊه سان ملڪ کي نقصان پهچي رهيو آهي ۽ حڪمت حقيقتن جي بنياد تي اڳيان وڌي رهي آهي. پي ٽي آءِ جو بيانيو ڪجهه پرڏيهي عنصرن خاص طور تي افغانستان جي پروپئگنڊه سان ملي ٿو جيڪو پاڪستان لاءِ خطرناڪ آهي.











