اسلام آباد -15 نومبر (اي پي پي)وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان ايس ايم ايز کي بااختيار بڻائن ۾ تيزي آڻڻ جي حوالي سان فارما پارڪ جي جامع پلان جي هدايت ڪندي چيو آهي، ته اها سهولت فارما سيوٽيڪل ايس ايم ايز جي مدد، نواڻ ۽ معيار ۾ بهتري لاءِ نهايت ضروري آهي. جاري بيان موجب هارون اختر خان اڄ اسلام آباد ۾ سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز دولپمينٽ …
وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان پاران ايس ايم ايز جي بااختيار بڻائڻ ۾ تيزي آڻڻ جي حوالي سان فارما پارڪ جي جامع پلان جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد -15 نومبر (اي پي پي)وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان ايس ايم ايز کي بااختيار بڻائن ۾ تيزي آڻڻ جي حوالي سان فارما پارڪ جي جامع پلان جي هدايت ڪندي چيو آهي، ته اها سهولت فارما سيوٽيڪل ايس ايم ايز جي مدد، نواڻ ۽ معيار ۾ بهتري لاءِ نهايت ضروري آهي. جاري بيان موجب هارون اختر خان اڄ اسلام آباد ۾ سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز دولپمينٽ اٿارٽي سان هڪ فالو اپ اجلاس جي صدارت ڪئي. اهو اجلاس گذريل ڏينهن ايس اي پي ايم جي راولپنڊي جي ايس ايم ايز ڪلسٽر ۽ راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر سان تفصيلي ملاقات کان پوءِ منعقد ٿيو. جتي فارما سيوٽيڪل ايس ايم ايز پنهنجي مسئلن ۽ حڪومتي سهڪار جي منظم نظام جي ضرورت تي روشني وڌي. اجلاس ۾ هارون اختر خان ايس ايم ايڊا کي اسلام آباد ۾ فارما پارڪ جي قيام لاءِ هڪ جامع پلان ۽ فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته زويراعظم محمد شهباز شريف جو ويزن ايس ايم ايز کي معاشي بحالي، روزگار جي موقعن ۾ اضافي ۽ روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ جو بنيادي ٿنڀ قرار ڏنو آهي. هارون اختر خان ان ڳالهه جو به ورجاءُ ڪيو ته صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ايس ايم ايز جي بحالي ۽ ترقي لاءِ سيڪٽر مخصوص قدمن، بهتري مالياتي سهولتن ۽ ملڪي ۽ عالمي مارڪيٽن سان مضبوط رابطن کي هٿي ڏيڻ تي مسلسل ڪم ڪري رهي آهي.











