نيويارڪ -15 نومبر (اي پي پي) آمريڪا بي 61-12 ايٽمي بم جو بناوار هيڊ سان ڪامياب تجربو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي توانائي کاتي جي سينڊيا نيشنل ليباريٽريز چيو آهي، ته آمريڪا آگسٽ ۾ بي61-12 ٽيڪٽيڪل ٿرمونيوڪليئر بم جو بنا وار هيڊ جو ڪامياب تجربو ڪيو. بيان ۾ ٻڌايو ويو ته اهي تجربا 19 کان 21 آگسٽ تائين نيواڊا جي هڪ ٽيسٽ سائيٽ تي ڪيا ويا. تجربن دوران آمريڪي …
آمريڪا پاران ايٽمي بم جو بنا وار هيڊ ڪامياب تجربو
نيويارڪ -15 نومبر (اي پي پي) آمريڪا بي 61-12 ايٽمي بم جو بناوار هيڊ سان ڪامياب تجربو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي توانائي کاتي جي سينڊيا نيشنل ليباريٽريز چيو آهي، ته آمريڪا آگسٽ ۾ بي61-12 ٽيڪٽيڪل ٿرمونيوڪليئر بم جو بنا وار هيڊ جو ڪامياب تجربو ڪيو. بيان ۾ ٻڌايو ويو ته اهي تجربا 19 کان 21 آگسٽ تائين نيواڊا جي هڪ ٽيسٽ سائيٽ تي ڪيا ويا. تجربن دوران آمريڪي پنجين نسل جي ايف-35 ويڙهاڪ جهازن غير فعال وار هيڊ بمن کي کڻي وڃي هدف تي ڪيرايو. اهي سمورا تجربا نيشنل نيوڪليئر سيڪيورٽي ايڊمنسٽريشن جي سهڪار سان ڪيا ويا. بيان موجب نيشنل نيوڪليئر ايجنسي 2024ع جي آخر تائين انهن فضائي بمن جي سروس لائيف ۾ 20 سالن جي واڌ جي پروگرام کي مڪمل ڪري ورتو آهي.











