سموريون ڌريون يورپي يونين جي جي ايس پي پلس مانيٽرنگ مشن جي ايندڙ دوري جي تيارين کي حتمي شڪل ڏين: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سمورين ڌرين کي هدايت ڪئي آهي ته يورپي يونين جي جي ايس پي پلس مانيٽرنگ مشن جي ايندڙ دوري جي تيارين کي حتمي شڪل ڏين. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي واپاري بهتري جي حڪمت عملي ۽ معاشي سفارتڪاري جي مختلف رخن جو …

اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سمورين ڌرين کي هدايت ڪئي آهي ته يورپي يونين جي جي ايس پي پلس مانيٽرنگ مشن جي ايندڙ دوري جي تيارين کي حتمي شڪل ڏين. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي واپاري بهتري جي حڪمت عملي ۽ معاشي سفارتڪاري جي مختلف رخن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي بين الوزارتي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ، واپار واري وزارت ۽ انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽرين کانسواءِ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عهديدارن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سمورين ڌرين کي يورپي يونين جي جي ايس پي پلس مانيٽرنگ مشن جي ايندڙ دوري جي تيارين کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن زور ڏنو ته جي ايس پي پلس پاڪستان ۽ يورپي يونين ٻنهي جي لاءِ هڪ ون – ون فريم ورڪ آهي ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي معاشي سفارتڪاري کي مضبوط بڻائڻ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جي هڪ اهم ترجيح آهي.

مزید خبریں