پاڪستان افغان سرزمين تان پاڪستان ۽ ان جي عوام جي خلاف ٿيندڙ دهشتگردي کي بلڪل برداشت نه ڪندو، تحريڪ طالبان پاڪستان، بلوچ لبريشن آرمي ۽ ٻيا مليشيا گروهه پاڪستان جا دشمن آهن، انهن کي ڪنهن به طرح جي سهولت فراهم ڪندڙ کي پاڪستان ۽ ان جي عوام جو دوست نه ٿو سمجهي سگهجي: پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي هفتيوار ميڊيا بريفنگ

اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) پاڪستان افغان سرزمين تان پاڪستان ۽ ان جي عوام جي خلاف ٿيندڙ دهشتگردي کي بلڪل برداشت نه ڪندو، تحريڪ طالبان پاڪستان، بلوچ لبريشن آرمي ۽ ٻيا مليشيا گروهه پاڪستان جا دشمن آهن، انهن کي ڪنهن به طرح جي سهولت فراهم ڪندڙ کي پاڪستان ۽ ان جي عوام جو دوست نه ٿو سمجهي سگهجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي هفتيوار ميڊيا …

اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) پاڪستان افغان سرزمين تان پاڪستان ۽ ان جي عوام جي خلاف ٿيندڙ دهشتگردي کي بلڪل برداشت نه ڪندو، تحريڪ طالبان پاڪستان، بلوچ لبريشن آرمي ۽ ٻيا مليشيا گروهه پاڪستان جا دشمن آهن، انهن کي ڪنهن به طرح جي سهولت فراهم ڪندڙ کي پاڪستان ۽ ان جي عوام جو دوست نه ٿو سمجهي سگهجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي هفتيوار ميڊيا بريفنگ دوران واضح طور تي چيو ته پاڪستان افغان سرزمين تان ٿيندڙ دهشتگردي کي برداشت نه ڪندو. ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ٻين عسڪريت پسند تنظيمن کي ”پاڪستان دشمن“ قرار ڏيندي ترجمان خبردار ڪيو ته انهن کي سهولت فراهم ڪندڙ ڪنهن به ملڪ کي پاڪستان ۽ ان جي عوام جو دوست نه ٿو سمجهي سگهجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هفتيوار ميڊيا بريفنگ ۾ پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي جي ترجيحن تي سخت پيغام ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان سفير طاهر حسين اندرابي چيو ته پاڪستان ۾ 2021ع کان افغانستان مان شروع ٿيندڙ دهشتگرد حملن ۾ تيزي سان اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جڏهن ته پاڪستان ڪابل ۾ انساني همدرديءَ ۽ واپاري سهولتن جي فراهمي جو  عمل جاري رکيو تنهن هوندي به افغان عبوري عملدار پاڪستان کي نشانو بڻائيندڙ مخصوص گروهن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. هن طالبان حڪومت پاران دهشتگردن کي پناهگير جي طور تي پيش ڪرڻ جي ڪوششن کي مڪمل طور تي ناقابل قبول قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان رڳو افغانستان ۾ رهندڙ تصديق ٿيل پاڪستاني شهرين کي وصول ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي ۽ رڳو ان صورت ۾ جڏهن انهن کي سرڪاري سرحدي گذرگاهن تي باضابطا طور تي حوالي ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي به هٿيارن سان ڌڪي نه ٿو سگهجي. طالبان انتظاميا جي اندر ڪجهه ماڻهن پاران نسلي جذبن کي ڀڙڪائڻ جي ڪوششن کي رد ڪندي ترجمان چيو ته پاڪستان جو دهشتگردي جي خاتمي ۽ شهرين جي تحفظ جي حوالي سان واضح موقف آهي، پشتون قومپرستي تي ٻڌل بيانيو يا پاڪستان جي پاليسي جي اندر ورڇ جي دعويٰ اسان جي عزم کي ڪمزور نه ڪندا. 7 نومبر تي ترڪيه ۽ قطر جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي ٽئين دور جي استنبول اجلاس جا تفصيل ٻڌائيندي طاهر حسين اندرابي چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي ثالثي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جڏهن ته هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اڳڀرائي جو دارومدار ڪابل تي آهي جيڪا پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڳڻتي افغان سرزمين تان ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ٻين گروهن جي موجودگي آهي. پاڪستان جي سفارتي سرگرمين جو ذڪر ڪندي طاهر حسين اندرابي تصديق ڪئي ته اردن جو شاهه عبدالله ٻه ابن الحسين 15 ۽ 16 نومبر تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. هن چيو ته اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري ڀائراڻي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. اردن جو فرمانروا صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو جنهن جي ايجنڊا ۾ دفاع، واپار، علائقائي امن ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبن ۾ تعاون ۾ اضافو شامل آهي. هن آذربائيجان جي فتح جي ڏهاڙي جي پنجين سالگرهه جي موقعي تي صدر الهام عليوف جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي باڪو جي تازي دوري جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته ٻنهي اڳواڻن پراڻي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سياست، توانائي، رابطي، واپار ۽ دفاع ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، وزيراعظم آذربائيجان کي آرمينيا سان تاريخي امن معاهدي تي مبارڪباد ڏني ۽ ڪاراباخ مسئلي تي پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو، باڪو جي فتح جي ڏهاڙي جي عظيم الشان پريڊ ۾ پاڪ فوج جي هڪ دستي به حصو ورتو، وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان پڻ ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته پاڪستان 11 نومبر تي بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي ڪاميابي سان ميزباني ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ بيلاروس، گڏيل عرب امارات، شام ۽ ٻين ملڪن جي وفدن شرڪت ڪئي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته نائب وزيراعظم ٻئي ڏينهن جي اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ دوري تي آيل ڪيترن ئي پارلياماني اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. ڳالهه ٻولهه ۾ پارلياماني تعاون، علائقائي رابطن ۽ امن جي فروغ ۾ قانونسازن جي گڏيل ذميواري تي ڌيان ڏنو ويو. سفير طاهر حسين اندرابي اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي اهتمام هيٺ ڇهين مارگلا ڊائيلاگ طرف پڻ ڌيان ڇڪرايو جنهن ۾ ”عالمي نظام جو مستقبل: تعاون يا ڇڪتاڻ“ جي موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته نائب وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ خبردار ڪيو ته هڪطرفي، بلاڪ جي سياست ۽ وڌندڙ واپاري جنگين جي ڪري گهڻ رخو نظام ختم ٿي رهيو آهي. هن گهڻ رخي ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۽ عالمي قانون، عالمي امن ۽ پائيدار ترقي جي واعدن کي سگهه ڏيڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته پاڪستان انڊس واٽر ٽريٽي تحت پنهنجي آگسٽ 2025ع جي فيصلي جي رخن تي ثالثي عدالت جي وضاحتن کي نوٽ ڪيو آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ ڀارت ان ۾ حصو وٺڻ معطل ڪري رکيو آهي، پر ڀارت جي درخواست تي شروع ٿيندڙ غيرجانبدار ماهر جي ڪارروائي جاري رهندي. ڀارتي پرڏيهي وزارت جي بيان تي ردعمل ڏيندي طاهر حسين اندرابي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ائٽمي تجربن بابت بيان کي پاڪستان جي ائٽمي رڪارڊ سان ڳنڍڻ جي ڪوششن کي تنقيد جو نشانو بڻايو. هن ڀارت جي بيانن کي غلط بياني قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان آخري ڀيرو 1998ع ۾ ائٽمي تجربا ڪيا هئا ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي مسلسل حمايت ڪئي آهي جنهن ۾ ائٽمي تجربن تي عالمي پابندي جو مطالبو ڪيو ويو هو. هن پاڪستان جي محفوظ ۽ مضبوط ائٽمي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم جي ڀيٽ تازي سالن ۾ ائٽمي مواد جي چوري ۽ غيرقانوني اسمگلنگ جي ڀارت جي خطرناڪ رڪارڊ سان ڪئي. طاهر حسين اندرابي جارجيا – آذربائيجان سرحد جي ويجهو سي 130 جهاز جي افسوسناڪ حادثي تي ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان پاڪستان جي گهري ڏک ۽ دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ميڊيا ميمبرن جا ٿورا مڃيا ۽ سفارتي رابطن، علائقائي سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي پاليسي تي شفاف رابطن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں