اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت 2025ع جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ باوجود غير معمولي استحڪام جو مظاهرو ڪيو آهي. حڪومت جي وقت سر ڪاررواين اين ڊي ايم اي جي قيادت ۾ متاثرن جي نيڪالي ۽ مربوط رليف آپريشنز سميت اڳواٽ هنگامي رٿابندي اهم شعبن جو تسلسل يقيني بڻايو آهي. اهڙو اظهار هن رٿابندي واري وزارت ۾ ماهوار ترقياتي …
پاڪستان جي معيشت 2025ع جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ باوجود غير معمولي استحڪام جو مظاهرو ڪيو آهي: احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت 2025ع جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ باوجود غير معمولي استحڪام جو مظاهرو ڪيو آهي. حڪومت جي وقت سر ڪاررواين اين ڊي ايم اي جي قيادت ۾ متاثرن جي نيڪالي ۽ مربوط رليف آپريشنز سميت اڳواٽ هنگامي رٿابندي اهم شعبن جو تسلسل يقيني بڻايو آهي. اهڙو اظهار هن رٿابندي واري وزارت ۾ ماهوار ترقياتي رپورٽ ۽ مهيني جي بهترين آفيسر جي چونڊ جي تقريب کي خطاب ۾ ڪيو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت عوام جي روزگار جي تحفظ بحالي ۽ پائيدار معاشي ترقي جي راهه تي گامزن آهي. مالي سال جي شروعاتي ٻن مهينن ۾ مهانگائيءَ ۾ لاڳيتو گهٽتائي رهي، مهانگائيءَ جي شرح جيڪا جولاءِ ۾ 4.1 سيڪڙو ۽ آگسٽ ۾ 3 سيڪڙو رهي. جيڪو قيمتن ۾ شروعاتي استحڪام جي عڪاسي آهي. احسن اقبال چيو ته ٻوڏ سبب پيدا ٿيل رڪاوٽن ان رجحان کي عارضي طور متاثر ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ سيپٽمبر ۾ مهانگائي 5.6 سيڪڙو ۽ آڪٽوبر ۾ 6.2 سيڪڙو تائين پهچي وئي. هن چيو ته جولاءِ کان آڪٽوبر تائين سراسري مهانگائي 4.7 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل سال جي ان عرصي جي 8.7 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ واضح طور گهٽ آهي. وفاقي وزير چيو ته ٻن سالن جي مسلسل گهٽتائيءَ کان پوءِ لارج اسڪيل مينيوفيڪچرنگ ۾ بحالي ڏٺي وئي آهي. ان تيزي خام مال ۽ ٻارڻ جي طلب ۾ واڌ ڪئي جيڪا صنعتي سرگرمين کي نئين رفتار ڏئي رهي آهي. احسن اقبال چيو ته جولاءِ کان آڪٽوبر دوران ايف بي آر جي ٽيڪس وصولين ۾ مستحڪم واڌ جاري رهي جيڪا گذريل سال جي 3.4 ٽريلين رپين جي ڀيٽ ۾ وڌي 3.8 ٽريلين رپين تائين پهچي وئي. اها ڪارڪردگي 11.4 سيڪڙو جي واضح اؤسر واري شرح جي عڪاسي ڪري ٿي، اهڙيءَ طرح مالي سال جي جولاءِ کان آگسٽ دوران ملڪي روانگي واپار ۾ 0.7 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي جيڪو مثبت رجحان جي عڪاسي ڪري ٿو، جڏهن ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب پيدا ٿيل سپلاءِ رڪاوٽن روانگي واپار جي شعبي کي متاثر ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ جولاءِ کان آڪٽوبر ۾ روانگي واپار ۾ 4 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته جولاءِ کان سيپٽمبر جي ايڪسپورٽ آف سروسز ۾ 14.7 سيڪڙو اضافو ٿيو جيڪو 2.2 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 20.5 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو 1.1 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. ٻئي طرف ساڳي مُدي دوران آمدني واپار ۾ واڌ ڏٺي وئي. هن چيو ته ڪل آمدني واپار 23 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو، جيڪو 15.1 سيڪڙو واڌ جي عڪاسي ڪري ٿو. احسن اقبال چيو ته جولاءِ کان آڪٽوبر مالي سال 2026ع دوران پرڏيهه مان پورهيتن پاران موڪليل ناڻي ۾ مسلسل واڌ رڪارڊ ڪئي وئي جيڪو گذريل سال جي 11.9 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ وڌي 13.0 ارب ڊالرن جي سطح تائين پهچي ويو. هي رجحان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو حڪومت جي اقتصادي حڪمت عملي ۽ بهتر ٿيندڙ معاشي استحڪام تي وڌندڙ اعتماد طرف واضح اشارو آهي. وفاقي وزير چيو ته مالي سال جي شروعاتي 4 مهينا جولاءِ کان آڪٽوبر دوران پي ايس ڊي پي تحت 33.4 ارب رپين جي منظوري جڏهن ته 134.2 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي جيڪو هڪ کرب رپين جي ترقياتي پروگرام تحت منصوبن جي تسلسل ۽ مؤثر عملدرآمد جي مستحڪم اڳڀرائيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. ٻوڏ جي رڪاوٽن باوجود پي ايس ڊي پي جي فنڊز جي استعمال ۾ غير معمولي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. هن چيو ته حڪومت رٿابندي سان ترقياتي عمل ملڪ جي چئن صوبن ۾ متوازن طريقي سان هلائي رهي آهي. ترقياتي منصوبن جي مانيٽرنگ ۽ اواليوشن سان ان منصوبن ۾ شفافيت آڻڻ ۾ مدد ملي آهي. ترقياتي شعبي ۾ وزارت آڪٽوبر 25ع ۾ سي ڊي ڊبليو پي ذريعي 12 منصوبن ۽ 5 ڪنسپٽ ڪليئرنس جي منظوري ڏني آهي جڏهن ته 6 وڏا منصوبا ايڪنڪ کي موڪليا ويا آهن جيڪو حڪومتي ترقياتي قدمن کي تيز رفتاريءَ سان اڳتي وڌائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. احسن اقبال چيو ته منظور ٿيل منصوبا ترقياتي سرگرمين ۾ واڌ سبب مختلف شعبن ۾ تقريبن 56,184 سڌيءَ ريت ۽ 39326 اڻ سڌيءَ ريت روزگار جا موقعا پيدا ڪندو. جولاءِ کان سيپٽمبر 25ع دوران ترقياتي منصوبن ۾ لاڳت جي ڪفايت شعاري جي نتيجي ۾ 2.2 ارب رپين جي بچت ٿي جيڪو رٿابندي ۾ احتياط ۽ منصوبن جي بهتر ڪارڪردگيءَ جو چٽو ثبوت آهي. 2013ع کان 2018ع تائين مسلم ليگ (ن) جي حڪومتي دؤر ۾ سي پيڪ پاڪستان ۾ اربين رپين جي سيڙپڪاري ڪئي. پي ٽي آءِ پنهنجي حڪومتي دؤر ۾ سي پيڪ کي اسڪينڊلائز ڪيو جنهن سبب اربين رپين جي سيڙپڪاري ٻين ملڪن ڏانهن هلي وئي. احسن اقبال چيو ته سي پيڪ فيز ٽو تحت ملڪ ۾ ترقيءَ جون نيون راهون کولينداسين. پاڪستان جي ترقي انساني وسيلن تي ٻَڌل آهي اسان سڄي دنيا مان بهتر هنرمند ۽ هزارين پي ايڇ ڊي پاڪستان آڻينداسين ته جيئن معيشت کي مضبوط ڪريون.











