ڪي پي ڪي ۾ موٽر ويز ۽ هاءِ ويز تي محصول ۾ واڌ لاءِ نوان ٽول پلازا قائم ڪيا ويندا: عبدالعليم خان

اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي)مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان هدايت ڪئي آهي ته ڪي پي ڪي صوبي ۾ موٽر ويز ۽ هاءِ ويز تي محصول ۾ واڌ لاءِ نوان ٽول پلازا قائم ڪيا وڃن. هو مواصلات واري وزارت ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، جنهن ۾ قومي شاهراهن جي اٿارٽي اين ايڇ اي جي لاڳاپيل ميمبرن وفاقي وزير کي جاري ڪمن، معمول جي سارسنڀال ۽ مختلف …

اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي)مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان هدايت ڪئي آهي ته ڪي پي ڪي صوبي ۾ موٽر ويز ۽ هاءِ ويز تي محصول ۾ واڌ لاءِ نوان ٽول پلازا قائم ڪيا وڃن. هو مواصلات واري وزارت ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، جنهن ۾ قومي شاهراهن جي اٿارٽي اين ايڇ اي جي لاڳاپيل ميمبرن وفاقي وزير کي جاري ڪمن، معمول جي سارسنڀال ۽ مختلف منصوبن جي مالي بقايائن بابت بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ مختلف منصوبا جيڪي التوا هيٺ هئا انهن جي بقايائن جي منظوريءَ لاءِ به گذارشون پيش ڪيون. وفاقي وزير، مواصلات واري سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته ڪي پي ڪي جي صوبائي حڪومت کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري سان باضابطه طور رابطو ڪري صوبي ۾ نوان ٽول پلازا قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته محصول جي وصولي، ترقياتي منصوبن ۽ مرمتي سرگرمين جي تسلسل لاءِ نهايت ضروري آهي. وفاقي وزير زور ڀريو ته انهن ٽول پلازائن مان حاصل ٿيندڙ آمدني ڪي پي ڪي جي شاهراهن جي نيٽ ورڪ تي ٻيهر خرچ ڪئي ويندي ته جيئن صوبو پنهنجي حدن مان حاصل ٿيندڙ فنڊز مان سڌيءَ طرح فائدو کڻي سگهي، خاص ڪري انهن علائقن ۾ جتي سڄي ملڪ مان سياح وڏي انگ ۾ اچن ٿا. وفاقي وزير وڌيڪ هدايت ڪئي ته مواصلات وارو سيڪريٽري ذاتي طور انهن منصوبن جو دؤرو ڪري جن جون مالي بقايائون التوا هيٺ آهن ته جيئن جاچي سگهجي ته منظوري ڏيڻ گهرجي يا نه. هن چيو ته جن منصوبن جون بقايائون هڪ ڪروڙ رپيا (10) ملين رپين کان وڌيڪ آهن انهن جي انسپيڪشن مواصلات واري سيڪريٽري ۽ ان جي ٽيم ذريعي ڪئي ويندي. ادائگيون صرف مڪمل انسپيڪشن کان پوءِ ئي ڪيون وينديون، ڪجهه ٽول پلازائن تي ڀڃ ڊاهه جي واقعن جي حوالي سان وفاقي وزير واضح ڪيو ته ڪنهن به صورت ۾ سرڪاري ملڪيتن يا ٽول پلازائن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن اين ايڇ اي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهڙن واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف فوري ۽ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

مزید خبریں