27هين آئيني ترميم سان عوام کي انصاف ملندو، آئيني مسئلن کي منصفاڻي طريقي سان حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي: خواجه محمد آصف

اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته 27هين آئيني ترميم سان عوام کي انصاف ملندو ۽ آئيني مسئلن کي منصفاڻي طريقي سان حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته آئين ان ايوان کي اختيار ڏنا آهن ۽ پارليامينٽ سپريم آهي. هن چيو ته هي فيصلو مخالف ڌُر جي ماڻهن کي ڪرڻو آهي ته هو پاڪستان …

اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته 27هين آئيني ترميم سان عوام کي انصاف ملندو ۽ آئيني مسئلن کي منصفاڻي طريقي سان حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته آئين ان ايوان کي اختيار ڏنا آهن ۽ پارليامينٽ سپريم آهي. هن چيو ته هي فيصلو مخالف ڌُر جي ماڻهن کي ڪرڻو آهي ته هو پاڪستان جي آئين سان وفادار آهن يا اڪيلي شخص سان. بچاءَ واري وزير چيو ته وانا ۽ اسلام آباد ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا ٿيا، ان تي سندن زبان مان هڪ لفظ به نه نڪتو، کين فيصلو ڪرڻو آهي ته پاڪستان سان گڏ آهن يا ويڙهاڪن سان گڏ بيٺل آهن. هي ماڻهو پاڪستان جي آئين، ان جي ادارن خاص طور تي پارليامينٽ سان نه پر پنهنجي مفادن سان گڏ بيٺل آهن. هن مخالف ڌُر تي دهشتگرديءَ سان همدرديءَ جو الزام لڳائيندي چيو ته هو سرحد پار کان پُرتشدد ڪاررواين ۾ ملوث ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ جا خواهشمند آهن، کين فيصلو ڪرڻو آهي ته هي پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن يا اڪيلي شخص سان گڏ بيٺل آهن. بچاءَ واري وزير چيو ته پاڪستان جي فوج جهڙيءَ طرح ملڪ جي زميني، سامونڊي ۽ فضائي سرحدن جي حفاظت ڪري رهي آهي ان سان هڪ نئين تاريخ لکي رهي آهي. بچاءَ واري وزير، عمران خان ۽ ان جي ساٿين بندعنوانيءَ جا الزام لڳائيندي چيو ته اهڙي سطح جي بدعنواني پاڪستان جي 78 سالن جي تاريخ ۾ ڪنهن به نه ڪئي.

مزید خبریں