اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فل ڪورٽ اجلاس ۾ متفقه طور تي سپريم ڪورٽ رولز 2025ع ۾ ترميمن جي منظوري ڏني وئي. اهي ترميمون ان ڪميٽي جي سفارشن تي ڪيون ويون جيڪي رولز لاڳو ڪرڻ ۾ پيش آيل مشڪلاتن جي ازالي لاءِ رول 1 (4) آرڊر اول تحت جوڙي وئي هئي. سپريم ڪورٽ جي عوامي رابطن واري شعبي مان جاري بيان موجب فل ڪورٽ …
سپريم ڪورٽ جو فل ڪورٽ اجلاس، سپريم ڪورٽ رولز 2025ع ۾ اهم ترميمن جي منظوري

مزید خبریں
اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فل ڪورٽ اجلاس ۾ متفقه طور تي سپريم ڪورٽ رولز 2025ع ۾ ترميمن جي منظوري ڏني وئي. اهي ترميمون ان ڪميٽي جي سفارشن تي ڪيون ويون جيڪي رولز لاڳو ڪرڻ ۾ پيش آيل مشڪلاتن جي ازالي لاءِ رول 1 (4) آرڊر اول تحت جوڙي وئي هئي. سپريم ڪورٽ جي عوامي رابطن واري شعبي مان جاري بيان موجب فل ڪورٽ اجلاس جمعي تي ٿيو، ڪميٽي ۾ معزز ججن جسٽس شاهد وحيد، جسٽس عرفان سعادت خان، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس عقيل احمد عباسي شامل هئا. فل ڪورٽ هر ميمبر جي انفرادي طور تي واکاڻ ڪندي سپريم ڪورٽ رولز 1980 جي تفصيلي جائزي، نون رولز 2025ع جي تياري ۽ سڌارن جي عمل ۾ ڀرپور ڪردار تي به انهن جو شڪريو ادا ڪيو، ترميم ٿيل سپريم ڪورٽ رولز 2025ع جو مقصد بهترين سروس ڊليوري، سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي يقيني بڻائڻ آهي. فل ڪورٽ اتفاق راءِ سان ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ محمد منير پراچا کي سپريم ڪورٽ رولز 2025ع جي آرڊر IV جي رول 5 تحت سينئر ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ جو درجو به ڏئي ڇڏيو.











