سرڪاري حج اسڪيم 2026ع جي درخواستگذارن کان آخري قسط اڄ ورتي ويندي

اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته سرڪاري حج اسڪيم 2026ع جي درخواستگذارن کان آخري قسط جي وصولي جي آخري تاريخ ڇنڇر ڏينهن 15 نومبر آهي، جنهن لاءِ اڄ ڇنڇر ڏينهن بئنڪون کليل رهنديون. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب حج رهتن جي ٻي قسط جمع ڪرائڻ جو آخري ڏينهن اڄ ڇنڇر 15 نومبر آهي، جنهن لاءِ نامزد بئنڪون حج رهتن جي وصولي …

اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته سرڪاري حج اسڪيم 2026ع جي درخواستگذارن کان آخري قسط جي وصولي جي آخري تاريخ ڇنڇر ڏينهن 15 نومبر آهي، جنهن لاءِ اڄ ڇنڇر ڏينهن بئنڪون کليل رهنديون. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب حج رهتن جي ٻي قسط جمع ڪرائڻ جو آخري ڏينهن اڄ ڇنڇر 15 نومبر آهي، جنهن لاءِ نامزد بئنڪون حج رهتن جي وصولي لاءِ کليل رهنديون. سرڪاري حج پانڌيئڙا حج رهتن جي ٻي قسط اڄ تائين لازمي جمع ڪرائين ته جيئن درخواست رد ٿيڻ کان بچي سگهي. رهتون جمع ڪرائي ڪمپيوٽرائزڊ بئنڪ رسيد ضرور حاصل ڪريو.

مزید خبریں