بيجنگ - 14 نومبر (اي پي پي) چائينا مينڊ اسپيس ايجنسي (سي اين ايس اي) ٻڌايو آھي ته شين زو-20 ھوائي جھاز جي محفوظ واپسي ممڪن نه آھي، جنھن سبب ان کي في الحال واپس نه آندو ويندو ۽ ھو مدار ۾ ئي رھي ڪري لاڳاپيل سائنسي تجربا جاري رکندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق واپسي جي ڪيپسول جي ونڊو ۾ سنھيون لڪيرون ڏٺيون ويون آھن، جيڪي ظاهري طور ھوائي ملبي جي …
شين زو-20 ھوائي جھاز محفوظ واپسي جوڳو ناھي: چيني خلائي ايجنسي
بيجنگ – 14 نومبر (اي پي پي) چائينا مينڊ اسپيس ايجنسي (سي اين ايس اي) ٻڌايو آھي ته شين زو-20 ھوائي جھاز جي محفوظ واپسي ممڪن نه آھي، جنھن سبب ان کي في الحال واپس نه آندو ويندو ۽ ھو مدار ۾ ئي رھي ڪري لاڳاپيل سائنسي تجربا جاري رکندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق واپسي جي ڪيپسول جي ونڊو ۾ سنھيون لڪيرون ڏٺيون ويون آھن، جيڪي ظاهري طور ھوائي ملبي جي ٻاھرين ٽڪر جي نتيجي ۾ پيدا ٿيون آهن. سي اين ايس اي بيان ۾ چيو ته صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو پيو وڃي ته جيئن مستقبل جي مشنز ۾ وڌ کان وڌ حفاظتي قدمن کي يقيني بڻائي سگھجي.











