جسٽس امين الدين خان وفاقي آئيني عدالت جي پهرين چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو، صدر آصف علي زرداري کانئس حلف ورتو

اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) جسٽس امين الدين خان وفاقي آئيني عدالت جي پهرين چيف جسٽس جي طور تي حلف کڻي ورتو، صدر آصف علي زرداري کانئس نئين قائم ٿيندڙ آئيني عدالت جي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف ورتو. ايوان صدر ۾ حلف برداري جي پروقار تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي …

اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) جسٽس امين الدين خان وفاقي آئيني عدالت جي پهرين چيف جسٽس جي طور تي حلف کڻي ورتو، صدر آصف علي زرداري کانئس نئين قائم ٿيندڙ آئيني عدالت جي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف ورتو. ايوان صدر ۾ حلف برداري جي پروقار تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، وفاقي وزير ۽ پارليامينٽ ميمبر شريڪ ٿيا. تقريب ۾ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سميت پاڪ بحريه ۽ فضائيه جي سربراهن، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس محمد يحييٰ آفريدي ۽ اعليٰ عدليه جي ججن کانسواءِ اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ شريڪ ٿيا.

مزید خبریں