پاڪستان ۽ روس ”ايشيا ۾ سلامتي جي مسئلن“ تي ٻطرفي مشاورت جو افتتاحي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو

اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس ”ايشيا ۾ سلامتي جي مسئلن“ تي ٻطرفي مشاورت جو افتتاحي اجلاس گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ منعقد ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهو مشاورتي اجلاس روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزارت ۾ ايشيا ۽ بحرالڪاهل جي تعاون واري ڊائريڪٽر جنرل اليڪسي اوچنيڪوف ۽ پاڪستان جي ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (آرمز ڪنٽرول، هٿيارن جي خاتمي ۽ عالمي سلامتي) …

اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس ”ايشيا ۾ سلامتي جي مسئلن“ تي ٻطرفي مشاورت جو افتتاحي اجلاس گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ منعقد ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهو مشاورتي اجلاس روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزارت ۾ ايشيا ۽ بحرالڪاهل جي تعاون واري ڊائريڪٽر جنرل اليڪسي اوچنيڪوف ۽ پاڪستان جي ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (آرمز ڪنٽرول، هٿيارن جي خاتمي ۽ عالمي سلامتي) ۽ پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي جي وچ ۾ ٿيو. اجلاس دوران ٻنهي ڌرين ايشيا پيسفڪ خطي ۾ سلامتي جي موجوده صورتحال ۽ گڏيل تعاون جي امڪاني شعبن سميت لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن مختلف علائقائي اتحادن ۽ حصيدارين سان واڳيل چئلينجز تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين ڳالهه ٻولهه کي سالياني بنيادن تي منعقد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. پنهنجي اسلام آباد جي دوري دوران اليڪسي اوچنيڪوف ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) عمران صديقي ۽ انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد جي ڊائريڪٽر جنرل سهيل محمود سان پڻ ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ روسي فيڊريشن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل لاڳاپا آهن. بيان موجب پاڪستان مڪالمي ۽ سفارتڪاري کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ تعاون تي ٻڌل اهڙن رستن تي عمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي جيڪي خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏين ٿا.

مزید خبریں