پاڪ بحريه جي انتظام ھيٺ پنجين انٽرنيشنل ناٽيڪل مقابلن جي پڄاڻي تقريب منعقد، ترڪيه جي ٽيم فاتح قرار

اسلام آباد - 14 نومبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي انتظام ھيٺ پنجين انٽرنيشنل ناٽيڪل مقابلن جي پڄاڻي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ ڪراچي جي ڪمانڊر خاص مھمان طور شرڪت ڪئي. تفصيل مطابق انھن مقابلن ۾ پاڪستان، آذربائيجان، انڊونيشيا، ايران، اٽلي، سعودي عرب، عمان، سريلنڪا، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جي ٽيمن شرڪت ڪئي. ايونٽ ۾ ٻيڙي هلائڻ، تيراڪي، سمنڊ ۾ زندگي بچائڻ ۽ سي مين شپ جا …

اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي انتظام ھيٺ پنجين انٽرنيشنل ناٽيڪل مقابلن جي پڄاڻي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ ڪراچي جي ڪمانڊر خاص مھمان طور شرڪت ڪئي. تفصيل مطابق انھن مقابلن ۾ پاڪستان، آذربائيجان، انڊونيشيا، ايران، اٽلي، سعودي عرب، عمان، سريلنڪا، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جي ٽيمن شرڪت ڪئي. ايونٽ ۾ ٻيڙي هلائڻ، تيراڪي، سمنڊ ۾ زندگي بچائڻ ۽ سي مين شپ جا مقابلا شامل ھئا. ترڪيه جي ٽيم ان ايونٽ جي فاتح قرار ڏني وئي. خاص مھمان ڪاميابي ماڻيندڙ رانديگرن ۾ انعام ورهايا. انھن مقابلن جو مقصد پاڪستان ۾ سامونڊي راندين کي ھٿي وٺرائڻ سان گڏو گڏ دوست ملڪن جي رانديگرن جي ماتحت مقابلن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آھي. تقريب ۾ اعليٰ سول ۽ عسڪري آفيسرن، سفارتڪارن ۽ رانديگرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں