چين ۾ سون جا ذخيرا دريافت، ڳاڻيٽو 1444 ٽن آهي: قدرتي وسيلن واري وزارت

 بيجنگ _ 14 نومبر (اي پي پي) چين اتر اوڀر واري صوبي لياننگ ۾ پنهنجا پهريان انتهائي وڏا پر گهٽ معياري سون جا ذخيرا دريافت ڪري ورتا آهن. پرڏيهي خابرو اداري قدرتي وسيلن واري وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ته دادونگو ۾ دريافت ٿيل ان ذخيرن ۾ اٽڪل 2.586 ارب ٽن ڪچو ڌات موجود آهي جنهن ۾ مجموعي طور تي 1444.49 ٽن سون شامل آهي، ڌات ۾ سون جي شرح …

 بيجنگ _ 14 نومبر (اي پي پي) چين اتر اوڀر واري صوبي لياننگ ۾ پنهنجا پهريان انتهائي وڏا پر گهٽ معياري سون جا ذخيرا دريافت ڪري ورتا آهن. پرڏيهي خابرو اداري قدرتي وسيلن واري وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ته دادونگو ۾ دريافت ٿيل ان ذخيرن ۾ اٽڪل 2.586 ارب ٽن ڪچو ڌات موجود آهي جنهن ۾ مجموعي طور تي 1444.49 ٽن سون شامل آهي، ڌات ۾ سون جي شرح 0.56 گرام في ٽن آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اها تاريخي دريافت ملڪ جي اسٽريٽجڪ سون جي ذخيرن ۾ اضافي، خطي ۾ عالمي معيار جو سون پيدا ڪندڙ مرڪز جو بنياد رکڻ ۾ مدد ۽ اتر اوڀر چين جي مڪمل بحالي ۽ ترقي کي هٿي ڏيندي.