ڍاڪا _ 14 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش جي وقتي حڪومت جي سربراهه محمد يونس چيو آهي ته پارلياماني چونڊن جي ڏينهن ئي تاريخي جهموري سڌارن جي چارٽر تي ايندڙ سال فيبروري ۾ ريفرنڊم ڪرايو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق نوبل امن انعام يافته محمد يونس چيو آهي ته گذريل سال بغاوت بعد مڪمل ناڪاره سياسي نظام ورثي ۾ مليو آهي، سڌارن جو چارٽر آمراڻي نظام جي واپسي کان بچڻ لاءِ اهم …
بنگلاديش پاران چونڊن واري ڏينهن جهموري سڌارن جي چارٽر تي ريفرنڊم ڪرائڻ جو فيصلو
ڍاڪا _ 14 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش جي وقتي حڪومت جي سربراهه محمد يونس چيو آهي ته پارلياماني چونڊن جي ڏينهن ئي تاريخي جهموري سڌارن جي چارٽر تي ايندڙ سال فيبروري ۾ ريفرنڊم ڪرايو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق نوبل امن انعام يافته محمد يونس چيو آهي ته گذريل سال بغاوت بعد مڪمل ناڪاره سياسي نظام ورثي ۾ مليو آهي، سڌارن جو چارٽر آمراڻي نظام جي واپسي کان بچڻ لاءِ اهم آهي. قوم کي خطاب ۾ محمد يونس چيو آهي ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته ريفرنڊم به انهي ڏينهن ڪرايو ويندو جنهن ڏينهن پارلياماني چونڊون ٿينديون. اهو ڪنهن به طرح سان سڌارن جي مقصد ۾ رڪاوٽ نه پيدا ڪندو. گهٽ خرچ سان پرجوش چونڊون ٿينديون. سڌارن ذريعي ايگزيڪٽو، عدليه ۽ قانون سازي جي ادارن وچ ۾ چيڪ اينڊ بيلنس جي نظام کي مضبوط ڪيو ويندو جڏهن ته وزيراعظم لاءِ 2 مدت جي حد مقرر ڪئي وئي آهي ۽ صدارتي اختيارن ۾ توسيع جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ محمد يونس ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته چونڊون فيبروري 2026ع جي شروع ۾ ٿينديون پر اليڪشن ڪميشن في الحال قطئي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو.











