اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي)وفاقي وزيرن پاڪ فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج وقت سر ڪارروائي ڪندي وانا ڪيڊٽ ڪاليج تي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻايو، دهشتگردن اي پي ايس پشاور جهڙو سانحو ورجائڻ ٿي چاهيو، اسان جي بهادر فوج سندن منصوبو ناڪام بڻايو. پاڪ فوج جي بهترين حڪمت عمليءَ جي ڪري سمورا دهشتگرد مارجي ويا. وانا ڪيڊٽ ڪاليج آپريشن تي وفاقي وزير …
پاڪ فوج وقت سر ڪارروائي ڪندي وانا ڪيڊٽ ڪاليج تي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻايو: وفاقي وزيرن جو پاڪ فوج کي خراجِ تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي)وفاقي وزيرن پاڪ فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج وقت سر ڪارروائي ڪندي وانا ڪيڊٽ ڪاليج تي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻايو، دهشتگردن اي پي ايس پشاور جهڙو سانحو ورجائڻ ٿي چاهيو، اسان جي بهادر فوج سندن منصوبو ناڪام بڻايو. پاڪ فوج جي بهترين حڪمت عمليءَ جي ڪري سمورا دهشتگرد مارجي ويا. وانا ڪيڊٽ ڪاليج آپريشن تي وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته پاڪ فوج ڪيڊٽ ڪاليج تي حملي تي فوري ريسپانس ڪندي حملي آورن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو ۽ سمورن ڪيڊٽس جون زندگيون محفوظ بڻايون، هي انهن جي بهترين پيشيوراڻين صلاحيتن جو اظهار آهي ۽ اسان کي پنهنجي فوج تي فخر آهي. توانائيءَ واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج تي حملو بزدلاڻو عمل هو، هي اسان جي قوم اندر ڏڦيڙ پکيڙڻ ۽ پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي مڪروه ڪوشش هئي. هن ڪيڊٽس جون زندگيون محفوظ بڻائڻ تي پاڪ فوج جو ٿورو مڃيو. بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملن پُٺيان پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي ۽ افغانستان آهي، جهڙيءَ طرح اسان دشمن ملڪ خلاف جنگ کٽي آهي اهڙيءَ طرح دهشتگرديءَ خلاف به جنگ کٽينداسين. مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته اسان جي فوج دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪيو ۽ دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو ۽ ڪيڊٽس جون زندگيون محفوظ بڻايون. بهادر پُٽن کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته سياسي ۽ عسڪري قيادت جو اتحاد اسان جي قيادت آهي، اسان جي فوج پيشيوراڻين صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي دهشتگردن تي ضابطو آندو. موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته دهشتگرديءَ جي ان ڪارروائيءَ جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، اسان جي پاڙيسريءَ ۾ اهي سمورا ماڻهو جيڪي پاڪستان خلاف سازشون ڪري رهيا آهن انهن کي واضح پيغام وڃڻ گهرجي ته کين ٻيهر به مُنهن جي کائڻي پوندي. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو ته هوءَ ڪيڊٽ ڪاليج آپريشن ۾ حصو وٺندڙ سمورن جوانن کي سلام پيش ڪري ٿي، پاڪ فوج ۽ ان جي ليڊرشپ جي بهترين پيشيوراڻين صلاحيتن سبب اسان جا سمورا ڪيڊٽس محفوظ رهيا. ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو ته قوم جهڙيءَ طرح پنهنجي پاڪ فوج سان گڏ بيهي 10 مئي تي پاڻ کان وڏي دشمن کي شڪست ڏني اهڙيءَ طرح دهشتگرديءَ جي جنگ ۾ به شڪست ڏينداسين. پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته هي حڪومت ڏينهن رات محنت ڪندي پاڪستان کي هر محاذ تي ان جو مقام حاصل ڪري ڏيندي. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو ته اسان سڀني کي نفرت، انتهاپسندي ۽ تعصب خلاف گڏجي بيهڻو پوندو ۽ هڪ اهڙو پاڪستان تعمير ڪرڻو آهي جيڪو امن، ڀائيچاري ۽ انسانيت جو روشن مثال آهي. واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته هڪ قوم جي حيثيت سان اسان سڀني کي گڏجي پنهنجي ملڪ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ هي وقت جي اهم ضرورت آهي. مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني پاڪ فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته هو دهشتگرديءَ خلاف جنگ وڙهي رهيا آهن، هيءَ جنگ به اسان کٽينداسين.











