قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان آزاد ڄمون ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر جي ملاقات

اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان آزاد ڄمون ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان دوران قومي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، اسپيشل سيڪريٽري سيد شمعون هاشمي ۽ سيڪريٽري آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي چوڌري بشارت حسين به شريڪ هئا. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پارلياماني تعاون، قانونساز ادارن وچ …

اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان آزاد ڄمون ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان دوران قومي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، اسپيشل سيڪريٽري سيد شمعون هاشمي ۽ سيڪريٽري آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي چوڌري بشارت حسين به شريڪ هئا. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پارلياماني تعاون، قانونساز ادارن وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي عوام جون دليون گڏجي ڌڙڪن ٿيون. هن چيو ته ملڪ جي قانونساز ادارن وچ ۾ ويجها رابطا جمهوريت جي مضبوطي ۽ عوامي نمائندگي جي مؤثر ڪردار لاءِ اڻٽر آهن. اسپيڪر وڌيڪ چيو ته قانونساز ادارن وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ سندن اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن آزاد ڄمون ڪشمير قانونساز اسيمبليءَ طرفان عوامي فلاح بهبود لاءِ ڪيل قدمن کي ساراهيو. سردار اياز صادق چيو ته پارلياماني سطح تي رابطا وڌائڻ سان ٻنهي قانونساز ادارن وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ملندي. آزاد ڄمون ڪشمير قانونساز اسيمبليءَ جي اسپيڪر، سردار اياز صادق جي تاثرن کي ساراهيو ۽ ايوان کي سهڻي نموني هلائڻ تي سندس ڪردار جي ساراهه ڪئي.

مزید خبریں