اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي)بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان سڄي خطي خاص ڪري وچ ايشيائي رياستن سان امن، استحڪام ۽ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. وزارت مان جاري بيان موجب خواجه محمد آصف سان تاجڪستان جي بچاءَ واري وزير ڪرنل جنرل سوبرزاده امام علي عبدالرحيم ملاقات ڪئي. هن تاجڪستان جي عسڪري ۽ سول قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن …
پاڪستان سڄي خطي خاص ڪري وچ ايشيائي رياستن سان امن، استحڪام ۽ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي: خواجه محمد آصف

مزید خبریں
اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي)بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان سڄي خطي خاص ڪري وچ ايشيائي رياستن سان امن، استحڪام ۽ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. وزارت مان جاري بيان موجب خواجه محمد آصف سان تاجڪستان جي بچاءَ واري وزير ڪرنل جنرل سوبرزاده امام علي عبدالرحيم ملاقات ڪئي. هن تاجڪستان جي عسڪري ۽ سول قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سڀني مسئلن جي پُرامن حل تي يقين رکي ٿو ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۾ تاجڪستان جي ڪوششن کي ساراهي ٿو. ملاقات دوران ٻه طرفي دفاعي تعاون بابت معاملن کان علاوه دفاعي تعاون ۾ واڌ جون نيون راهون تلاش ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان سڄي خطي خاص ڪري وچ ايشيائي رياستن سان امن، استحڪام ۽ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. تاجڪ وزير پنهنجي حڪومت جي عزم جو يقين ڏياريو ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو عهد ڪيو.











