ڪراچي-13 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، مڪاني کاتي جي جاري ۽ پرڏيهي امداد سان هلندڙ وڏن منصوبن تي مجموعي ترقياتي پورٽ فوليو جو جائزو وٺندي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته پاڻي جي فراهمي، نيڪال ۽ صفائي سان لاڳاپيل اسڪيمون تيزيءَ سان مڪمل ڪيون وڃن. وڏي وزير جي ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ مڪاني کاتي …
سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت ۾ اجلاس، ترقياتي رٿائن بابت بريفنگ

مزید خبریں
ڪراچي-13 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، مڪاني کاتي جي جاري ۽ پرڏيهي امداد سان هلندڙ وڏن منصوبن تي مجموعي ترقياتي پورٽ فوليو جو جائزو وٺندي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته پاڻي جي فراهمي، نيڪال ۽ صفائي سان لاڳاپيل اسڪيمون تيزيءَ سان مڪمل ڪيون وڃن. وڏي وزير جي ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ مڪاني کاتي جي جاري ۽ پرڏيهي امداد سان هلندڙ وڏن منصوبن تي مجموعي ترقياتي پورٽ فوليو جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير ناصر شاهه ٻڌايو ته مالي سال 25-2026ع لاءِ مڪاني کاتي جي ترقياتي پورٽ فوليو ۾ 756 اسڪيمون شامل آهن جن لاءِ مجموعي طور 78.087 ارب رپيا سالياني ترقياتي پروگرام تحت ۽ 45.540 ارب رپيا پرڏيهي منصوبن جي امداد تحت رکيا ويا آهن۔ انهن ۾ 713 جاري، 17 اڳيان منتقل ٿيل ۽ 43 نيون اسڪيمون شامل آهن، گڏوگڏ 304 ايس ڊي جي بلاڪ اسڪيمون ۽ پي پي پي موڊ تحت شاهراهِ ڀٽو ڪوريڊور جو وڏو منصوبو پڻ آهي۔ مالياتي سال 2024–25 دوران کاتي 56.5 ارب رپين جي ماليت واريون 424 اسڪيمون مڪمل ڪيون جن سان سڄي صوبي ۾ مقامي ڍانچي ۽ شهري خدمتن ۾ نمايان سڌارو آيو۔: وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته ڪراچي ڊويزن جي ترقياتي پورٽ فوليو ۾ 7.66 ارب رپين جي قيمت جا 9 وڏا منصوبا شامل آهن۔ ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي لاءِ 13.22 ارب رپيا رکيا ويا آهن 76 اسڪيمون لاءِ جن مان 69 جاري، هڪ اڳيان منتقل ٿيل ۽ 6 نيون آهن۔ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن لاءِ 18.36 ارب رپيا رکيا ويا آهن 200 اسڪيمن لاءِ جن ۾ 10 نيون اسڪيمون روڊن، نالن ۽ مڪاني سهولتن سان لاڳاپيل آهن۔ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن 1.80 ارب رپين سان 47 اسڪيمون هلائي رهي آهي جن ۾ 4 نيون پاڻي ۽ نيڪال سان لاڳاپيل آهن۔ لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي 2.30 ارب رپين سان 35 اسڪيمن تي ڪم ڪري رهي آهي جن مان ٻه نيون شهري بحالي جون اسڪيمون آهن۔ وڏي وزير 12 ارب رپين جي حب ڪينال پروجيڪٽ ۽ 10.54 ارب رپين جي ڊملوٽي واٽر پائپ لائين پروجيڪٽ جو پڻ جائزو ورتو جيڪو ڊملوٽي پمپنگ اسٽيشن کان ڊي ايڇ اي تائين 10 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪندو۔ هن هدايت ڪئي ته ٻئي منصوبا هڪ سال اندر مڪمل ڪيا وڃن۔ وڏي وزير ڪراچي ۾ جاري ڪيترن ئي وڏن غير ملڪي امداد يافته منصوبن جي ترقيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو۔ انهن مان نمايان ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پروجيڪٽ آهي، جنهن جا ٻه مرحلا آهن۔ پهريون مرحلو 25.47 ارب رپين جي ماليت سان عالمي بئنڪ، ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان هلندڙ آهي جنهن جو مقصد شهر جي پاڻي ۽ نيڪال جي نظام ۾ ابتدائي سڌارا آڻڻ آهي۔ ٻيو مرحلو 167.10 ارب رپين (600 ملين ڊالر) جي ماليت سان ڪراچي جي پراڻي نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ آهي ته جيئن شهري آبادي کي وڌيڪ مستحڪم ۽ قابلِ اعتماد خدمتون مهيا ٿي سگهن۔ ان سان گڏ ڪمپيٽيٽو اينڊ ليويبل سٽي آف ڪراچي ڪلڪ پروجيڪٽ 57.63 ارب رپين سان اڳتي وڌي رهيو آهي جيڪو مڪاني ادارن جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بنائڻ، ڊجيٽل گورننس سڌارن ۽ انفراسٽرڪچر کي اپ گريڊ ڪرڻ تي ٻَڌل آهي۔ ساڳئي وقت سولڊ ويسٽ ايمرجنسي اينڊ افشنسي پروگرام لاءِ 29.21 ارب رپيا رکيا ويا آهن جيڪو ڪراچي جي گند ڪچري کي کڻڻ ۽ صفائيءَ جي نظام کي جديد بنائڻ لاءِ ٺهيل آهي۔ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اهي سڀ منصوبا حڪومت جي ان عزم جي عڪاسي ڪن ٿا ته اسان پرڏيهي سهڪار سان ڪراچي جي شهري ڍانچي کي نئين سر ترتيب ڏئي رهيا آهيون، جيئن لکين شهرين کي بهتر سهولتون ۽ مڪاني خدمتون ملي سگهن۔ وڏي وزير هدايت ڪئي ته جاري منصوبن تي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي خاص طور تي پاڻي، نيڪال ۽ صفائي سان لاڳاپيل منصوبن تي۔ هن چيو پاڻي، صفائي ۽ گند ڪچري جي کڻڻ واري نظام ۾ سڌارو صرف ڍانچو نه آهي اهو ماڻهن جي صحت، وقار ۽ زندگي جي معيار سان سڌو سنئون لاڳاپيل آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته مڪاني، منصوبابندي ۽ ناڻي وارا کاتا پاڻ ۾ بهتر هم آهنگي رکن، فنڊز وقت سر جاري ڪيا وڃن، معيار جي سخت نگراني ڪئي وڃي ۽ خريداريءَ ۾ مڪمل شفافيت آندي وڃي۔ وڏي وزير زور ڀريو ته عالمي بئنڪ جي مالي سهڪار سان هلندڙ منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي ڇوتہ اهي ڪراچي جي شهري نظام، پاڻيءَ جي فراهمي ۽ مڪاني خدمتن جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا۔ هن چيو اسان جو ڌيان پائيدار، موسمياتي طور لچڪدار ۽ عوام جي ترقيءَ تي آهي۔ هر جاري اسڪيم حڪومت جي ان واعدي جي عڪاسي ڪري ٿي ته اسان مڪاني نظام ۽ عوامي خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون۔ آخر ۾ وڏي وزير، ناصر حسين شاهه کي هدايت ڪئي ته هو ڪراچي ۽ ٻين ضلعن جي سڀني وڏن منصوبن جي ذاتي نگراني ڪري ۽ هر مهيني جي رپورٽ وزيراعليٰ آفيس کي پيش ڪري ۔اجلاس ۾ ناصر حسين شاهه، وزير منصوبابندي ۽ ترقي جام خان شورو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پي اينڊ ڊي بورڊ جي چيئرمين نجم احمد شاهه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، مڪاني کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر وسيم شمشاد علي ۽ لاڳاپيل ادارن جا سينيئر عملدار شريڪ هئا۔











