اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) واپار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار راڻا احسان افضل خان سان ڪميونسٽ پارٽي آف چائينا جي انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽ جي نائب وزير سن هيان ملاقات ڪئي. بيجنگ ۾ ٿيل ملاقات ۾ سن هيان ڪميونسٽ پارٽي آف چائينا جي گورننس ماڊل، بدعنوانيءَ جي خاتمي جي فريم ورڪ، جدت تي ٻَڌل پاليسين ۽ عوام تي ٻَڌل ترقياتي حڪمت عملين جي باري ۾ خاص مددگار کي تفصيلي بريفنگ …
وزيراعظم جي خاص مددگار راڻا احسان افضل خان سان ڪميونسٽ پارٽي آف چائينا جي انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽ جي نائب وزير سن هيان جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) واپار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار راڻا احسان افضل خان سان ڪميونسٽ پارٽي آف چائينا جي انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽ جي نائب وزير سن هيان ملاقات ڪئي. بيجنگ ۾ ٿيل ملاقات ۾ سن هيان ڪميونسٽ پارٽي آف چائينا جي گورننس ماڊل، بدعنوانيءَ جي خاتمي جي فريم ورڪ، جدت تي ٻَڌل پاليسين ۽ عوام تي ٻَڌل ترقياتي حڪمت عملين جي باري ۾ خاص مددگار کي تفصيلي بريفنگ ڏني. نائب وزير 15هين پنجن سالن وارو منصوبو 2026ع کان 2030ع به پيش ڪيو جيڪو گرين انرجي، ڊجيٽل تبديلي، مصنوعي ذهانت ۽ سيمي ڪنڊڪٽرز ۾ فني طور پاڻڀرو ٿيڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. هن چيني صدر جي عالمي ويزن جو خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ گهڻ رُخي، بي آر آءِ تعاون، ماحولياتي تبديلي ۽ عالمي استحڪام لاءِ اجتماعي ڪوشسون شامل آهن. رانا احسان افضل خان سي پيڪ تحت پاڪستان جي ترجيحن خاص طور تي تجديد جوڳي توانائي ۽ زراعت سان هم آهنگي تي روشني وڌي.











