سينيٽ ۾ سريلنڪن حڪومت ۽ ڪرڪيٽ بورڊ جي حق ۾ ٿورن جي قرارداد منظور

اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) اسلام آباد حملي کانپوءِ سريلنڪا جي ٽيم جو پاڪستان ۾ راند جاري رکڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي، جنهن تي سينيٽ آف پاڪستان سريلنڪن حڪومت، ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ٽيم جي يڪجهتي واري جذبي تي ٿورن ۽ تحسين جو متفقه قرارداد منظور ڪري ورتو. سينيٽ جي اجلاس ۾ هي قرارداد قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پيش ڪئي وئي. قرارداد ۾ …

اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) اسلام آباد حملي کانپوءِ سريلنڪا جي ٽيم جو پاڪستان ۾ راند جاري رکڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي، جنهن تي سينيٽ آف پاڪستان سريلنڪن حڪومت، ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ٽيم جي يڪجهتي واري جذبي تي ٿورن ۽ تحسين جو متفقه قرارداد منظور ڪري ورتو. سينيٽ جي اجلاس ۾ هي قرارداد قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پيش ڪئي وئي. قرارداد ۾ چيو ويو ته پاڪستان دهشتگردي جي چئلينجز باوجود راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽ امن جي پيغام تي يقين رکي ٿو. سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان ۾ راند جاري رکڻ جو فيصلو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط دوستي ۽ اعتماد جي علامت آهي. ايوان قرار ڏنو ته سريلنڪا جي ٽيم کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي ته جيئن هو مڪمل اعتماد ۽ اطمينان سان راند جاري رکي سگهن. قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سينيٽ آف پاڪستان سيڪيورٽي ادارن قانون لاڳو اهلڪارن ۽ لاڳاپيل ادارن جي اڻٿڪ ڪوششن کي خراجِ تحسين پيش ڪري ٿو جن امن امان جي قيام ۽ پرڏيهي رانديگرن جي تحفظ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. ايوان اميد ظاهر ڪئي ته راند ذريعي پاڪستان جي مثبت سُڃاڻپ عالمي سطح تي وڌيڪ مضبوط ٿيندي ۽ خطي ۾ امن ڀائيچاري جي پيغام کي هٿي ملندي.

مزید خبریں