ڪراچي-13 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته ٻارن جي ويڪسينيشن کي قانون موجب لازمي قرار ڏنو ويو آهي ۽ تعاون نه ڪندڙ والدين يا ادارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. جيڪڏهن ڪو به خانگي يا سرڪاري اسڪول تعاون نه ڪندو ته انهن جا لائسنس منسوخ ڪيا ويندا ۽ ادارا بند ڪيا ويندا، سڀئي ويڪسينيٽرز پنهنجيون ذميواريون سنجيدگي سان نڀائين، روزانو هدفن کي …
ٻارن جي ويڪسينيشن کي قانون موجب لازمي قرار ڏنو ويو آهي: صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو

مزید خبریں
ڪراچي-13 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته ٻارن جي ويڪسينيشن کي قانون موجب لازمي قرار ڏنو ويو آهي ۽ تعاون نه ڪندڙ والدين يا ادارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. جيڪڏهن ڪو به خانگي يا سرڪاري اسڪول تعاون نه ڪندو ته انهن جا لائسنس منسوخ ڪيا ويندا ۽ ادارا بند ڪيا ويندا، سڀئي ويڪسينيٽرز پنهنجيون ذميواريون سنجيدگي سان نڀائين، روزانو هدفن کي پورو ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪا به غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن ارڙي ۽ روبيلا ويڪسينيشن مهم بابت صوبائي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ 17 نومبر کان 29 نومبر تائين جاري مهم جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. صوبي جي 2025ع جي ويڪسينيشن جو جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته صوبي جي سڀني ضلعن کي 15 نومبر جي آخري تاريخ کان اڳ ويڪسين فراهم ڪئي وئي آهي، بينر ۽ آگاهي مواد پڻ ورهايو ويو آهي. مهم لاءِ 30 هزار کان وڌيڪ فرنٽ لائن اسٽاف کي مقرر ڪيو ويو آهي، جن ۾ 6,532 ويڪسينيٽرز، ٽيم اسسٽنٽس جي برابر تعداد، 393 سيڪنڊ ليول سپروائيزر، 1,645 فرسٽ ليول سپروائيزر، 5,219 اضافي ٽيم اسسٽنٽس ۽ 5,219 سوشل موبلائيزر شامل آهن. صوبي جي 30 ضلعن ۾ 8.2 ملين (82 لک) ٻارن کي ايم آر ۽ 8.4 ملين (84 لک) کي او پي وي جي ويڪسينيشن ڏيڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صوبي جي سڀني ڊويزنل اسٽورن کي 8.6 ملين ايم آر ۽ 9.4 ملين او پي وي ويڪسين فراهم ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي صحت واري وزير هدايت ڪئي ته سمورا ڊي ايڇ او روزانو ويڪسين جي استعمال جي نگراني ڪن. ضايع ٿيل يا بچيل ويڪسين جي رپورٽ تيار ڪن ۽ ويڪسين، سرنج ۽ ٻين شين جي مناسب نيڪال لاءِ هر يو سي ۾ هڪ ويسٽ مئنيجمينٽ آفيسر مقرر ڪيو وڃي. هر ٻار جي ويڪسينيشن جي داخلا صحيح نموني سان مڪمل ڪئي وڃي. رد ٿيل ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ خاص ٽيمون ٺاهيون وڃن، جيڪي روزانو رپورٽ ڪن ۽ مڪمل ڪوريج کي يقيني بڻائين. صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو واضح هدايتون ڏنيون ته سڀئي ڊي ايڇ او پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪن، پوليو، ايڇ پي وي، ايم آر ۽ اسڪول اسڪريننگ کي انهن جي اي سي آر جو حصو بڻايو ويندو. ڪنهن به غفلت يا ڪارڪردگي جي کوٽ لاءِ ڪا به ترقي نه ڏني ويندي. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته ارڙي ۽ روبيلا مهم قومي اهميت واري آهي ۽ اها اسان جي ٻارن جي مستقبل جي حفاظت آهي. اجلاس ۾ سمورن ڊي ايڇ اوز يقين ڏياريو ته مهم لاءِ سڀ تياريون مڪمل آهن، ويڪسين ۽ دوائن جي فراهمي 100 سيڪڙو مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ بيڪ اپ پلان سميت سموري منصوبابندي تيار آهي. صحت واري وزير سڀني ضلعن جي ڊي ايڇ اوز ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي هاءِ رسڪ علائقن جي نشاندهي ڪن ۽ مهم جي پاڻ نگراني ڪن. اجلاس ۾ صحت واري وزير واضح طور تي هدايت ڪئي ته مهم دوران ڪنهن به قسم جي غلط يا گمراهه ڪندڙ معلومات پکيڙڻ وارن خلاف نيشنل سائبر ڪرائم تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. منفي پروپيگنڊا يا افواهون پکيڙيندڙ فرد يا تنظيمون ٻارن جي صحت کي خطري ۾ وجهڻ جا مجرم هوندا. اجلاس ۾ ارڙي ۽ روبيلا مهم جي اثرائتي آگاهي ۽ پبلسٽي حڪمت عملي تي سنڌ جي اطلاعات کاتي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.اجلاس ۾ سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اي پي آءِ ڊاڪٽر راج ڪمار، سي اي او پي پي ايڇ آءِ جاويد جاگيراڻي ۽ سڀني ضلعن جي ضلعي صحت آفيسرن شرڪت ڪئي.











